ڏوڪري لڳ راڌڻ روڊ تي قاضي مسجد وٽ ٽرڪ جو چنگچي کي ٽڪر، هڪ عورت فوت، ٻه زخمي

news

ڏوڪري (رپورٽ: عبدالجبار ميمڻ) ڏوڪري ڀرسان راڌڻ روڊ تي قاضي مسجد وٽان ٽرڪ جو چنگچي کي ٽڪر لڳڻ سبب هڪ عورت فوت ۽ 2 زخمي ٿي پيون آھن.

جڏھن ته زخمي عورتن کي پوليس موبائيل ۾ اسپتال پهچايو ويو، جتي زخمين جو علاج جاري آھي، جڏهن ته فوتي عورت پروين سولنگي ۽ ٻن زخمي ٿيل عورتون باڊهه شھر جون رهواسڻ ٻڌايون وڃن ٿيون. 

جڏھن ته زخمي ٿيل عورتون رمشا سولنگي ۽ ديدار خاتون سولنگي جو ڏوڪري اسپتال ۾ علاج جاري آھي، جڏھن ته فوت ٿيل عورت پروين جو لاش گهر پهچڻ تي قهرام مچي ويو.

جڏھن ته ٽرڪ ڊرائيور ۽ چنگچي ڊرائيور موقعي تان فرار ٿي ويا.