ننڍي چونڊ ۾ پيپلزپارٽي ڀرپور حصو وٺندي: نيئر بخاري، شيري رحمان

news

نئون ديرو (رپورٽ: رحمت الله موريو) پاڪستان پيپلزپارٽيءَ جي مرڪزي اڳواڻ نيئر بخاري چيو آهي ته پي ڊي ايم ۾ شامل تمام جماعتون پي ڊي ايم جي فيصلن جون پابند آهن ۽ جيڪي فيصلا پي ڊي ايم ڪندي ان تي عملدرآمد پهريان به ٿيو آهي ۽ آئنده به جيڪو اسان لائحه عمل جوڙينداسين، اهو پي ڊيم ايم جي فيصلي مطابق هوندو.

اسان جو جيڪو ايڪشن پلان هو جيڪو اسان 20 سيپٽمبر تي ڏنو هو، ان جو آخري آپشن استعيفائون رکيو هيو. هاڻي تحريڪ جو ٻيو مرحلو شروع ٿي ويو آهي جنهن ۾ احتجاجي ريليون شامل آهن ۽ ان کانپوءِ لانگ مارچ ڪيو ويندو، جيڪو به پي ڊي ايم جي اجلاس ۾ طئي ٿيو هو ته پهرين فيبروري تي اجلاس ٿيندو جنهن کانپوءِ پهرين فيبروري تي لانگ مارچ جي تاريخ ڏني ويندي.

ضمني چونڊن ۾ اسان ڀرپور حصو وٺنداسين، ان لاءِ اسان پارٽي اميدوارن کان درخواستون گهرايون آهن. استعيفائون ڏيڻ ۽ ضمني چونڊن جا الڳ الڳ اشوز آهن، ڇاڪاڻ ته پاڪستان پيپلزپارٽي اليڪشن ڪميشن وٽ وئي هئي. قومي يا صوبائي اسيمبلي جي خالي ٿيل سيٽ تي 60 ڏينهن اندر اليڪشن ڪرائڻ اليڪشن ڪميشن جي ذميواري ۾ شامل آهي ۽ اليڪشن ڪميشن پنهنجي ذميواري نه نڀائي رهيو هو جنهن ڪري پيپلزپارٽي اليڪشن ڪميشن سان رجوع ڪيو، جنهن کانپوءِ اليڪشن ڪميشن 60 ڏينهن اندر اليڪشن ڪرائڻ جو اعلان ڪيو.

اسان سمجهون ٿا ته اسان پنهنجي مخالفن کي واڪ اوور ٿرو ڏيون ۽ جڏهن استعيفائن جي ڳالهه ايندي ته اسان ڪامياب ٿي جڏهن ٻيا استعيفائون ڏيندا ته اهي به استعيفائون ڏيندا. استعيفائون سمورا ميمبر پنهنجي قيادت حوالي ڪندا ۽ قيادت اسپيڪر وٽ جمع ڪرائيندي.

سينيٽر شيري رحمان چيو ته شهيد راڻيءَ جي 13 هين ورسيءَ جي موقعي تي ڳڙهي خدابخش ڀٽو جي مزار ۾ بيٺا آهيون. مزاحمت جي سياست جو عَلَمُ جڏهن اٿندو آهي ته پيپلزپارٽي جي هنن ئي رستن ۽ قافلن کان اٿندو آهي. هن وقت ملڪ اونداهين طرف وڃي رهيو آهي ۽ هاڻي پاڪستان کي مهانگائيءَ جي طوفان کان بچائڻو آهي. هن وقت ملڪ جهڙي بحراني ڪيفيت مان گذري رهيو آهي. ورهائڻ واري سياست هلي رهي آهي ته شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جي پنهنجي الڳ سوچ ۽ نظريو هو. پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جو مزاحمتي سياست جو هميشه کان ڪردار رهيو آهي ۽ جيڪو جمهوريت بچائڻ لاءِ مزاحمتي سياست جو علم کڻدو آهي ۽ جمهوريت فقط نعرن واري نه پر عوامي مسئلن جي حوالي سان پي ڊي ايم ۽ پيپلز پارٽي هميشه مزاحمتي سياست لاءِ گڏ گڏ آهن.

هن وقت استعيفائون وارو جيڪو ڪنفيوزن ڦهلايو پيو وڃي اهو الڳ آهي. هن وقت ملڪ جي صورتحال اها آهي ته ملڪ ۾ خليجي سياست ٿي رهي آهي ۽ اها اقتداري ايوانن مان سليڪٽيڊ حڪومت شروع ڪئي آهي. پيپلزپارٽي عوام کي ديوار سان لڳائڻ نه ڏيندي. شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي مزار آهي ۽ هتان بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي شروعات ٿي ۽ هتان گهڻو ڪجهه شروع ٿئي ٿو. هن چيو ته جمهوريت واري جدوجهد اسان لاءِ ميدان جنگ آهي ۽ ان ۾ ضمني چونڊون به هڪ اهم حصو آهي. وڏن جمهوري الائنسن ۾ پاليسيز اڳتي وڌنديون آهن گهٽ وڌايون ضرور ٿيندي آهي.

هر پارٽيءَ جو پنهنجو منشور ۽ طريقيڪار آهي ان مطابق ئي اسان اڳتي وڌندا آهيون ۽ اسان پي ڊي ايم جي وڏن ۽ بنيادي فيصلن ۾ جيڪا قيادت گڏجي ويهندي طئي ڪندي آهي ان جا اسان پابند آهيون. پيپلزپارٽيءَ جمهوريت لاءِ جدوجهد ۾ سڀ کان اڳيان هوندي آهي. اسان تڏهن خاموش ٿي ويهنداسين جڏهن هن نظام کي تبديل ڪنداسين.

ان موقعي تي سهراب مري ۽ ٻيا پارٽي اڳواڻ ساڻن گڏ هئا.