ڳڙهي خدا بخش ڀٽو ۾ پي ڊي ايم جو جلسو، اڳواڻن جو خطاب جاري

news

لاڙڪاڻو: پاڪستان ڊيموڪريٽڪ پاران اڄ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي ورسي جي موقعي تي ڳڙهي خدا بخش ڀٽو ۾ سياسي قوت جو مظاهرو ڪيو پيو وڃي.

ڳڙهي خدا بخش ۾ بينظير ڀٽو شهيد جي ورسي جي موقعي تي پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، مسلم ليگ ن جي نائب صدر مريم نواز ۽ پي ڊي ايم جي ٻي قيادت جلسي ۾ اسٽيج تي موجود آهي.

جلسي ۾ اڳواڻن پاران خطاب جو سلسلو جاري آهي ۽ جلسي ۾ ڪارڪن ۽ جيالا پرجوش نظر اچي رهيا آهن.

جمعيت علماءِ اسلام جي نمائندگي عبدالغفور جي قيادت ۾ وفد ڪري رهيو آهي ۽ مولان فضل الرحمان جلسي ۾ موجود ناهي، ان کان علاوه محمود خان اچڪزئي، ڊاڪٽر عبدالمالڪ ۽ امير حيدر خان هوتي سميت پي ڊي ايم جا ٻيا اڳواڻ به موجود آهن، اڳوڻي صدر آصف زرداري جو خطاب وڊيو لنڪ ذريعي ٿي سگهي ٿو.

جلسي ۾ اڳوڻي وزيراعظم بينظير ڀٽو جي زندگي تي دستاويزي فلم به ڏيکاري وئي.

جلسي کي خطاب ڪندي جمعيت علماءِ اسلام جي اڳواڻ مولانا عبدالغفور حيدري جو چوڻ هو بينظير جنهن جرات ۽ بهادري سان آمرن کي للڪاريو اهو قابل تحسين آهي، ڪارساز واقعي تي ملاقات ۾ بي بي چيو هوته خبر ناهي ان کان پوءِ ملاقات ٿيندي به يا نه، هوءَ فولادي قوت جي مالڪ هئي.

آخري اطلاعن تائين مسلم ليگ ن جي نائب صدر مريم نواز جو خطاب جاري هو.