شهدادپور: ڪوڙن ڪيس جي سازشن خلاف ڳوٺ عالم بالادي واسين جو احتجاج

news

شهدادپور(رپورٽ:سيفل عباس ساند) شھدادپور ڳوٺ عالم بالادي جي رهواسين گلبهار بالادي، غلام مصطفي بالادي، علي نواز ۽ آصف بالادي شهدادپور پريس ڪلب جي سامهون جلال بالادي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي.

ان موقعي تي هنن چيو ته اسان جو جلال بالادي جي ڌر سان ڪافي وقت کان سڱاوتي تڪرار هلندڙ آهي، اسان جون بدي تي شاديون ٿيل هيون جيڪي اختلافن سبب ٻنهي ڌرين جون نياڻيون پنهنجن پنهنجن گهر ڏانهن آهن ۽ معامرو ڪورٽ ۾ هلندڙ آهي.

هنن چيو ته جلال بالادي اسان جي خلاف ڪوڙي من گهڙت ڊرامي بازي ڪري ڇوڪري جي اغوا جا ڪوڙا ڊراما ٺاهي رهيو آهي ۽ اسان کي ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ جي سازش ڪري رهيو آهي، هنن ايس ايس پي سانگهڙ کان جانچ، انصاف ۽ تحفظ جي گهر ڪئي آھي.