هو ڪرڪيٽ ٽيم هلائڻ وارا ماڻهو آهن، ملڪ هلائڻ وارا ناهن:آصف زرداري

news

لاڙڪاڻو: پاڪستان جي اڳوڻي صدر آصف علي زرداري اڄ جي ڏينهن کي سرخ سلام پيش ڪندي چيو آهي ته اڄ جي ڏينهن بينظير ڀٽو اسان کي ڇڏي هلي وئي.

ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ بينطير ڀٽو جي 13 هين ورسي جي موقعي تي جلسي کي خطاب ڪندي هن موجوده حڪومت تي سخت تنقيد ڪئي ۽ چيو ته هنن وٽ ملڪ هلائڻ جي سوچ ناهي.

آصف علي زرداري چيو ته هو ڪرڪيٽ ٽيم هلائڻ وارا آهن ملڪ هلائڻ وارا ماڻهو ناهن، هن چيو ته بينظير ڀٽو جي فلسفي تي هلندي اسان 18 هين ترميم آندي ۽ پختونن کي سڃاڻپ ڏني، هن چيو ته مون سڀني ماڻهن کي پاڻ سان ملائي ملڪ کي ترقيءَ ڏانهن آندو.

پي پي جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري چيو ته اسان جي وقت ۾ ڊالر 80 روپين جو هو پر اڄ 180 روپين جو آهي.

هن چيو ته هنن جو وقت ٿورو آهي، هو پنهنجي وزن سان پاڻ ڪرندا، هن چيو ته پهريان به 14 سال جيل ۾ رهيو آهيان ۽ مونکي جيل کان ڪو خوف ناهي.