ٽنڊو محمد خان (رپورٽ: ذوالفقار چانڊيو) ٽنڊو محمد خان ۾ ڪورونا وائرس جا وڌيڪ 11 نوان ڪيس ظاهر، جن ۾ ٽنڊو محمد خان جا مقامي شهري ڪورونا وائرس ۾ مبتلا آھن، جڏھن ته مريضن جو تعداد وڌي 251 ٿي ويو.
ٻئي طرف ٽنڊو محمد خان ۾ ڪورونا وائرس جي لهر تيزي سان ڦهلجڻ کانپوءِ شھري علائقن ۾ ڳڻتي ڇانيل آهي.
جڏهن ته ڊاڪٽرن جو چوڻ ھو ته ايس او پيز تي شھرين پاران ڪو به عمل نه ڪيو پيو وڃي پيو، جڏھن ته عوامي مرڪزن، تفريح ماڳن ۽ تجارتي مرڪزن ۾ ماسڪ لازمي پائڻ تي ڪو به عمل نه ٿي سگهيو آهي، نه وري انتظاميا پاران ڪو تحرڪ ورتو پيو وڃي.