آمريڪا ۾ مڙس ڪورونا جو شڪار زال کي گولي هڻي خودڪشي ڪري ڇڏي

news

ڪنيڪٽڪٽ: رياست ڪنيڪٽڪٽ ۾ مڙس ڪورونا جو شڪار زال کي گولي هڻي پنهنجي زندگي جو به انت آڻي ڇڏيو.

آمريڪي رياست ڪنيڪٽڪٽ ۾ مڙس ڪورونا وائرس جو شڪار زال کي گولي هڻي پاڻ به خودڪشي ڪري ڇڏي، پوليس موجب خودڪشي ڪندڙ شخص جي سڃاڻپ 59 سالن جي جان ليڪيوري جي نالي سان ٿي آهي جڏهن ته سندس زال جو نالو سنڊي ليڪيوري آهي، جان ستل زال کي گولي هئين ۽ پوءِ پاڻ کي به ماري ڇڏيو.

پوليس جو چوڻ آهي ته شروعاتي معلومات موجب جان ممڪن طور تي زال کي ڪورونا وائرس جي ڪري گولي هئين پر پوءِ به قتل جو اصل سبب ڄاڻڻ لاءِ جاچ جاري آهي.