ميرپورماٿيلو ويجهو ڳوٺ مريد خشڪ جي رهواسڻ عورت جو پوليس خلاف احتجاج، مڙس کي کنڀڻ جون دانهون

news

ميرپور ماٿيلو (رپورٽ: هادي بخش جلباڻي) ميرپور ماٿيلو ويجهو ڳوٺ مريد خشڪ جي رهواسڻ عورت مسمات مختيار خاتون خشڪ پنهنجي پُٽ رهزن خشڪ کي ساڻ ڪري ميرپور ماٿيلو پوليس خلاف ميڊيا آڏو احتجاج ڪيو.

ان موقعي تي مسمات مختيار خشڪ ۽ رهزن خشڪ ميڊيا آڏو احتجاج ڪندي چيو ته ميرپور ماٿيلو پوليس هڪ هفتو اڳ منهنجي مڙس محمد علي خشڪ کي ڳڙهي چاڪر مان بنا جواز گرفتار ڪيو آهي ۽ هاڻي پوليس مون کان منهنجي مڙس جي آزادي لاءِ ٻه لک گهري ٿي، اسان مسڪين آهيون اسان وٽ کائڻ لاءِ ڪجھ به ناهي ته ميرپور ماٿيلو پوليس کي ٻه لک ڪٿان آڻي ڏيون.

هنن چيو ته پيسا نه ڏيڻ جي صورت ۾ پوليس منهنجي مڙس کي هاف فرائي يا فل فرائي ڪري ڇڏيندي. هنن ايس ايس پي گهوٽڪي کان مطالبو ڪيو ته منهنجي مڙس کي آزاد ڪرائي مون سان انصاف ڪيو وڃي.