پنوعاقل لڳ ڪارنهن معاملي تان جتوئي برادري ۾ جھيڙو، گوليون لڳڻ سبب ٻه ڀائر زخمي

news

پنوعاقل (رپورٽ: قربان ملڪ) پنوعاقل لڳ ڪارنهن معاملي تان جتوئي برادري ۾ جھيڙو، گوليون لڳڻ سبب 2 ڀائر زخمي، اسپتال داخل.

سانگي ٿاڻي جي حد ۾ جتوئي برادري جي ٻن ڌرين ۾ ڪارنهن معاملي تان جهيڙو ٿي پيو، جنھن سبب فائرنگ جي نتيجي ۾ گوليون لڳڻ سبب شمن جتوئي ۽ حبيب الله جتوئي زخمي ٿي پيا، اطلاع تي سانگي پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي ٻنھي زخمين کي کڻائي تعلقي اسپتال پھچايو، جتي زخمين کي طبي امداد ڏئي سکر اسپتال ريفر ڪيو ويو.

ھوڏانھن سانگي پوليس موجب ته ٻنهي ڌرين ۾ پراڻو سڱاوتي تڪرار هلندڙ آھي، وڌيڪ جاچ ڪري رھيا آھيون، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل ٿي نه سگھيو ۽ نه ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگھي آھي.