ٽنڊوڄام سنڌ زرعي يونيورسٽي جي رٽائرڊ ملازمن جو مطالبن جي مڃتا لاءِ انتظاميا خلاف احتجاج

news

ٽنڊوڄام (رپورٽ: مستنصر علي جمالي) سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي رٽائرڊ ملازمن يونيورسٽي انتظاميا خلاف وي سي بلاڪ آڏو ڪري سخت احتجاج ڪيو.

انهي موقعي تي علي اصغر تنيو، فقير محمد بلوچ ۽ ٻين رٽائرڊ ملازمن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سندن رٽائرمينٽ کي ڪيترو ئي عرصو گذري وڃڻ باوجود يونيورسٽي انتظاميه سندن گريجوئٽي، ڊفرنس بل، شفٽنگ الائونس ۽ ٻيون ادائگيون نه ڪري رهي آهي.

جڏهن ته عارضي طور مقرر ڪيل نئين وائيس چانسلر اعليٰ تعليمي ڪميشن کان ملندڙ 30 ڪروڙ روپين جي رقم من پسند ماڻهن کي ورهائي ڇڏي آهي پر رٽائرڊ ملازمن جون رهتون ادا ڪرڻ لاءِ تيار ناهي.

هنن چيو ته سندن رهتون ادا نه ٿيڻ سبب زندگي گذارڻ مشڪل ٿي ويئي آهي ۽ دوڪاندارن اوڌر تي راشن ڏيڻ به بند ڪري ڇڏيو آهي، جنهن سبب فاقا ڪشي واري زندگي گذارڻ تي مجبور بڻيل آهيون.

هنن چيو ته اسان 30 کان 40 سال يونيورسٽي ۾ ڊيوٽي ڪري پنهنجي زندگي ڏئي ڇڏي پر موٽ ۾ يونيورسٽي انتظاميا اسان رٽائرڊ ملازمن سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪري رهتون ادا نه ڪري رهي آهي. اعليٰ اختيارين کان گهر ڪئي ته معاملي جو نوٽيس وٺي فوري طور سندن رهتون ادا ڪرايون وڃن.

رٽائرڊ ملازمن جي احتجاج ۾ سياسي سماجي اڳواڻ سيد حيدر شاهه پهچي احتجاج جي مڪمل حمايت جو اعلان ڪندي انتظاميه کان رٽائرڊ ملازمن جا مسئلا حل ڪرڻ جي گهر ڪئي.