سال جي پڄاڻي تي سول سوسائٽي جي نمائندن سنڌو درياهه تي سج کي الوداع ڪيو، نئين سال لاءِ دعائون

news

ڄامشورو (رپورٽ: حيات ميراڻي) ڄامشورو ۽ حيدرآباد جي سول سوسائٽي اڳواڻن پاران سال 2020ع جي آخري شام تي سج کي الوداع، سنڌو درياهه تي حاضري، گل نڇاور، نئين سال لاءِ دعائون.

ڄامشورو ۽ حيدرآباد جي مختلف سياسي سماجي تنظيمن ڄامشورو شهري ايڪشن ڪميٽي، سگا شاخ ڄامشورو، ڄامشورو جدوجهد ڪميٽي، ڪوهستان عوامي اتحاد، عباس ڊولپمينٽ فائونڊيشن ۽ هينڊس تنظيمن جي اڳواڻن حافظ الهندو تيوڻو، ربنواز ابڙو، محمد بخش  مري، فقير حق نواز برهماڻي، شيخ عبدالله ڪوهستاني، رزاق عمراڻي ۽ ذوالفقار قادري سميت ڄامشورو ۽ حيدرآباد جي سياسي سماجي ۽ علمي ادبي اڳواڻن پاران المنظر وٽ سال 2020ع جي آخري شام تي سج کي الودع ڪيو ويو ۽ سنڌو درياه ۾ گل نڇاور ڪيا.

ان موقعي تي سياسي سماجي ۽ علمي ادبي اڳواڻن جو چوڻ هو ته سال 2020ع ۾ سنڌ کي ڪورونا وائرس، قومپرست اڳواڻن جو شهادتون ۽ گمشدگيون، قلندر شاهه لڪياري ۽ رسول بخش درس سميت سنڌ جي تمام وڏن اديبن ۽ دانشورن جا وڇوڙا نصيب ٿيا آهن، سنڌ وڏين مشڪلاتن مان گذري آهي.

جڏهن ته سال 2021ع ۾ سنڌ جي خوشحالي لاءِ دعائون پڻ گهريون ويون.