مڇرن کي ٻن هفتن تائين رکڻ واري جينتياتي لوشن

news

بوسٽن: ان سلسلي ۾ تازي خبر اها آهي ته آمريڪي ماهرن مڇر ڀڄائڻ واري هڪ لوشن ٺاهيي آهي جيڪا 15 ڏينهن تائين مڇرن کي ويجهو نٿي اچڻ ڏئي.

آمريڪي ماهرن ”لائيو بايوٿير پيوٽڪ“ پراڊڪٽ(ايل بي پي) مڇر ڀڄائيندڙ لوشن ڪافي وقت تائين مڇرن کي پري رکڻ جو ڪم ڪري ٿي، ان دوا جي خاص ڳالهه اها آهي ته هي انساني چمڙي تي جينتياتي طور تبديل بيڪٽريا کي منظم ڪري ٿي جنهن سان مڇر پري پري رهندا آهن.

هيءَ لوشن جينياتي طور تي چمڙي مان خارج ٿيندڙ بوءِ اهڙي طرح تبديل ڪري ٿي جو مڇر ان طرف نٿا وڃن، پر هڪ مسئلو پنهنجي جاءِ تي موجود آهي ته هر ماڻهوءَ جي جسم تي مائڪروبس جا قسم ۽ تعداد مختلف ٿي سگهن ٿا، ان ڪري ان جي وڏي پيماني تي آزمائش کانپوءِ ان جي موثر هجڻ جو فيصلو ڪري سگهجي ٿو.

لوشن جي باري ۾ اهم ڳالهه اها آهي ته هڪ ڀيرو استعمال ٿيڻ کانپوءِ مسلسل 15 ڏينهن تائين مڇر جي شر کان بچي سگهجي ٿو، ايتري تائين به جو هٿ منهن ڌوئڻ يا وهنجڻ سان ان جو اثر ختم نٿو ٿئي.