سنڌ ۾ نائين ۽ ڏهين درجي جا نمبر يارهن سئو ٿي ويا

news

ڪراچي: سنڌ جي سمورن تعليمي بورڊز ۾ نائين ۽ ڏهين درجي جا ڪل نمبر 850 مان وڌائي 1100 ڪيا ويا.

ميٽرڪ بورڊ جي ريسرچ سيڪشن اسڪيم آف اسٽيڊيز موجب ماڊل پيپرز نائين ۽ ڏهين درجي(سائنس گروپ) جو اجراءُ ڪيو آهي، ان سلسلي ۾ نائين درجي جا ڪل نمبر 550 ۽ ڏهين درجي جا ڪل نمبر 550 هوندا.

ان کان پهريان نائين ۽ ڏهين درجي جا ڪل نمبر 850 هوندا هئا جن کي 425،425 نمبرن ۾ ورهايو ويندو هو.

ان ماڊل پيپرز جو اطلاق نائين درجي لاءِ سال 2021 ۽ ڏهين جو 2022 ۾ ٿيندو، صوبي سنڌ جي سمورن تعليمي بورڊز ۾ سڀ کان پهريان ڪراچي کي اهو اعزاز حاصل آهي جنهن اهڙو ماڊل پيپر ٺاهيو.