ٽنڊو محمد خان ۾ ڪورونا جا وڌيڪ ٽي نوان ڪيس ظاھر، انگ وڌي ٻه سئو چونجاهه ٿي ويو

news

ٽنڊو محمد خان (رپورٽ: ذوالفقار چانڊيو) ٽنڊو محمد خان ۾ ڪورونا وائرس تيزي سان وڌڻ لڳو، وڌيڪ 3 نوان ڪيس ظاھر، مقامي شهري شامل.

خبر موجب ٽنڊو محمد خان ضلعي اندر ڪورونا وائرس جو انگ وڌي 254 ٿي ويو، سياسي سماجي ماڻهن ۾ ڳڻتي ڇانيل، ضلعي جي ٽنهي تعلقن ۾ ڪورونا وائرس بابت ڏنل تدبيرن تي عمل نه ٿيڻ ڪري ڪورونا وائرس تيزي سان ڦهلجڻ لڳو، ضلعي جي ٽنهي تعلقن ۾ ڪورونا وائرس جا مريضن کي پريشانيون پيش اچڻ ڪري مريض  پرائيويٽ اسپتالن ۾ داخل ٿيڻ لڳا جڏھن ته ڪورونا وائرس ۾ مبتلا ڪافي مريض پنهجن گهر اندر آئسوليٽ ٿيل آهن پر ضلعي جي صحت کاتي پاران سرڪاري اسپتال اندر ڪورونا وائرس جي مريضن لاءِ ڪابه سهولت موجود نه آهي.