حيدرآباد: سنڌ پاڪستان جي ايماءَ عالم ورلڊ ميمري چيمپين شپ ۾ ڪاميابي حاصل ڪري ورتي

news

حيدرآباد: (ڇنڇر 02 جنوري 2021ع) سنڌ پاڪستان جي نوجوان ايٿليٽس دنيا جي 300 کان وڌيڪ  مقابلي وارن کي شڪست ڏئي 29 ورلڊ ميري چيمپين شپ  عالمي فائنل کٽي ورتي آهي.

ايما عالم ٽن ڏينهن جي مقابلي ۾ 10 کان وڌيڪ مضمونن ۾ حصو ورتو. جن ۾ چين، ڪينيڊا، برطانيه، ڏکڻ ڪوريا، ويٽنام، هندستان، ملائيشيا، آمريڪا، هانگ ڪانگ، مڪائو، تائيوان، ليبيا، قطر ۽ ايران جي اميدوارن حصو ورتو هيو. پاڪستان طرفان  هلندڙ سال چيمپين شپ ۾ پاڪستان ٽيم جي اڳواڻي ايماءَ عالم ۽ سيده قصه ذهره ڪئي.

هنن هن پروگرام ۾ ڪيترائي عالمي رڪارڊ پنهنجي نانءُ ڪيا. ورلڊ ميمري چيمپين شپ جي بنياد 1991ع ۾ عالمي مشهور ٽوني بوزان ۽ ريمنڊ ڪيني رکي. جنهن جو مقصد انساني يادائش کي عالمي سطح تي متعارف ڪرائڻ هيو. فوربز ميگزين موجب ٽوني بوزان ۽ ريمنڊ ڪيني ذهني صلاحيتن جي نظريئي کي دنيا ۾ مقبول ڪرايو. ٽوني 80 کان وڌيڪ ڪتابن جو ليکڪ ۽ ذيلي ليکڪ رهي چڪو آهي ۽ ريمنڊ شطرنج راند جو گرينڊ ماسٽر ۽ ملڪه ايلزبيٿ جو اڪثر خاص رهي چڪو آهي. ايماءَ عالم ڱي هن ايونٽ جي کٽڻ تي تمام گهڻي خوشي حاصل ٿي آهي. 

هن جو چوڻ آهي ته مون سميت منهنجي ڪوچ ۽ ٽيم هن سال ايونٽ کٽڻ لاءِ وڏي محنت ڪئي. مان حيران آهيان ته انسان جو دماغ ڪيترو طاقتور آهي. هن وڌيڪ چيو ته اسان اڃان بهترين ڪارڪردگي سان ايندڙ سال وري مقابلي ۾ حصو رکڻ جو ارادو رکون ٿا.

مان سمورن حصو وٺندڙن کي مبارڪباد پيش ٿي ڪريان. جنهن پوري دنيا سان مقابلي ۾ حصو ورتو آهي. ان کان علاوه عبيره اطهر 2020 جي عالمي مقابلي ۾ ستين نمبر تي آئي. ايماءَ عالم سان گڏ ٻين ٽيم ميمبرن جي انسٽيٽيوٽ آف هيومن ميمبري ڊولپمينٽ انٽرنيشنل ۾ تربيت ڏني وئي.