مدئجي ۽ آسپاس جي علائقن مان رولو ڪتن جو آزار نه گهٽيو، ڳوٺاڻي کي ڪتي ڏاڙهي زخمي ڪري وڌو

news

مدئجي (رپورٽ: ايوب بروهي) مدئجي ۽ آسپاس جي علائقن مان رولو ڪتن جو آزار نه گهٽجي سگهيو آهي، رولو ڪتن جي آزار سبب شهري عذاب ۾ مبتلا ٿي ويا آهن ۽ شهرين پنهنجي معصوم ٻارن کي گهرن تائين محدود ڪري ڇڏيو آهي.

جڏهن ته رولو ڪتن کي مارڻ ۾ مڪاني کاتو مڪمل طور ناڪام ٿي ويو آهي، جنهن  ڪري شهر جي مختلف هنڌن تي رولو ڪتا ولرن جي صورت ۾ گهمي رهيا آهن، جنهن ڪري ڪتن ڏاڙهڻ جي واقعا پڻ رڪجي ناهن سگهيا.

ان سلسلي ۾ مدئجي جي شيل پئٽرول پمپ ڀرسان رولو ڪتي ڳوٺ توربند واسي نوجوان عمران خان ڪيهر کي ڏاڙهي زخمي ڪري وڌو، جنهن کي وارثن تعلقي اسپتال مدئجي پهچايو، جتي کيس ڪتي جي چڪ بچاءَ واري وئڪسين ڪرڻ بعد فارغ ڪيو ويو.

ڪتي ڏاڙهيل نوجوان عمران ڪيهر چيوته رولو ڪتا ولر جي صورت ۾ گهمي رهيا آهن پر ٽائون انتظاميا ڪتا مار مهم شروع ناهي ڪئي وئي، ٻين هنڌن تي رولو ڪتو ڪنهن کي ڏاڙهي ٿو ته اتان جي يوسي چيئرمين خلاف ڪيس داخل ڪيا وڃن ٿان پر هتي ٻن مينهنن اندر 40 کان مٿي شهرين کي رولو ڪتن ڏاڙهي زخمي ڪيو آهي پر ٽائون انتظاميا خلاف ڪارروائي نه ٿيڻ ڪري سندن جي ڪن تي جونءَ به نٿي سُري.