ٽنڊوڄام ويجهو مرحوم حاجي علي نواز ۽ ماهي فقير گوپانگ جي ياد ۾ لڳايل ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جو فائينل الابراهيم اسپورٽس کٽي ورتو

news

ٽنڊوڄام (رپورٽ: مستنصر علي جمالي) ٽنڊوڄام ويجهو مرحوم حاجي علي نواز ۽ ماهي فقير گوپانگ جي ياد ۾ لڳايل ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جو فائينل الابراهيم اسپورٽس کٽي ورتو، فائينل ۾ دبنگ اسٽارز کي شڪست. 

خبر موجب ٽنڊوڄام لڳ آبڙي ۾ مرحوم حاجي علي نواز گوپانگ ۽ ماهي فقير گوپانگ جي ياد ۾ منعقد ڪرايل ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جو فائينل الاابراهيم اسپورٽس ۽ دبنگ اسٽارز وچ ۾ کيڏيو ويو.

جنهن ۾ الابراهيم جي ٽيم پهرين بيٽنگ ڪندي مقرر 10 اوورن 7 وڪيٽن جي نقصان تي 122 رنسون ٺاهيون، الابراهيم پاران معظم ڏيٿو 61 رنسون ٺاهي نمايان رهيو، جواب ۾ دبنگ اسٽارز جي ٽيم مقرر اوورن ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي 100 رنسون ٺاهي سگهي، دبنگ اسٽارز پاران اڪرام بروهي 40 رنسون ٺاهي ٽاپ اسڪورر رهيو، معظم ڏيٿو کي بهترين بيٽگ ڪرڻ تي فائينل جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو.

جڏهن ته مان ڏيٿو کي ٽورنامينٽ جو بهترين بيٽسمين ۽ اڪرام بروهي کي ٽورنامينٽ جو بهترين بالر قرار ڏنو ويو، انهي موقعي تي مهمان خاص محب علي مري ونر ٽيم ۽ محمد پريل گوپانگ ونر ٽيم جي ڪپتان کي ٽرافي ۽ ڪيش انعام ڏنو.

ٽورنامينٽ جي فائينل دوران نور مصطفى شاهه، حاجي غلام مصطفى جمالي، حاجي جمن جمالي، نور محمد شاهه، اڪرم مگسي، سيف الله ٻگهيو، حاجي اصغر جمالي، فرحان جمالي، شوڪت پنهور، ٽورنامينٽ آرگنائزر آصف جمالي، لياقت مري سميت شوقينن جو وڏو انگ موجود هو.