سڪرنڊ: سنڌ جي آجپي لاءِ گڏجي جدوجهد ڪرڻي پوندي: مير نادر خان مگسي

news

سڪرنڊ ( رپورٽ : مشتاق سولنگي ) سنڌ اسان جي ماءُ آهي سڀني کي ان جي آجپي لاءِ گڏجي جدوجهد ڪرڻي پوندي، سنڌ جي ٻيٽن تي سنڌ جو حق آهي چاهيون ٿا ته پنهنجي حقن لاءِ گڏجي هڪ ٿيون، سنڌي بهادر قوم آهي، اسان کي اتحاد جي ضرورت آهي، اها ڳالهه اڳوڻي صوبائي وزير ۽ پيپلز پارٽي جي اڳواڻ نوابزاده مير نادر خان مگسي سڪرنڊ پريس ڪلب جي ڪانفرنس هال ۾ سندس مان ۾ گهرايل آجياڻي ۾ ڳالهائيندي چئي.

هن چيو ته هن وقت مرڪز ۾ پي ٽي آءِ جي حڪومت آهي ۽ سنڌ ۾ پيپلز پارٽي جي حڪومت آهي، اسان جي پارٽي سنڌ جي حقن لاءِ هر فورم تي آواز اٿاريو آهي.

ان موقعي تي رئيس شبير احمد مگسيءَ چيو ته نوابزاده مير نادر خان مگسي اسان وٽ ڪهي آيو آهي، اسين سندس ٿورائتا آهيون.

سڪرنڊ پريس ڪلب جي صدر محمد صديق منگيو آيل مهمانن کي ڀليڪار ڪندي چيو ته نوابزاده مير نادر خان مگسي سنڌ جو بهادر پٽ آهي جنهن هميشه اسيمبليءَ ۾ سنڌ لاءِ آواز اٿاريو پر هن وقت سنڌ جيڪو عذاب ڀوڳي رهي آهي ان ۾ اسان جي رياست جي ڪوتاهي آهي، آئون اهو چوندس ته مير نادر مگسي کي گهرجي ته سنڌ جي ٻرندڙ مسئلن جي حل لاء پنهنجي جدوجهد کي وڌيڪ تيز ڪن ته جيئن سنڌ جو عوام ٻٽي عذاب کان بچي سگهي.

ان موقعي تي مير نادر خان مگسي سان گڏ مير شاهنواز مگسي، عبدالله ڪمبوه، غلام مرتضٰى مگسي، پيپلز يوٿ اڳواڻ محسن لاکو، سڄڻ مگسي، جلال مغل، ميهار خان مگسي ۽ ٻيا گڏ ھئا.

ان کان اڳ حاجي عبد الله مگسي پاران نوابزاده مير نادر خان مگسيءَ کي پٽڪو پارايو ويو ۽ ڪعبت الله شريف جو غلاف تحفي طور ڏنو ويو جڏھن ته مير نادر خان مگسي سان گڏ آيل ٻين مهمانن کي پڻ سڪرنڊ پريس ڪلب سٿ پاران اجرڪن جا تحفا ڏنا ويا.