ٽنڊوڄام: منشيات جي عام واهپي خلاف ايس ٽي پي پاران علامتي بک هڙتال، ڪارروائي جو مطالبو

news

ٽنڊوڄام(رپورٽ: مستنصر علي جمالي) تعلقي حيدرآباد ٻھراڙي ۾ هلندڙ منشيات خلاف ايس ٽي پي پاران علامتي بک هڙتال، منشيات فروشن خلاف ڪاروائي جي گهر. خبر موجب تعلقي حيدرآباد ٻھراڙي ۾ شراب، چرس، گٽڪو، مين پڙي ۽ ٻي منشيات جي وڪري خلاف سنڌ ترقي پسند پارٽي جي ڪارڪنن ضلعي صدر سچل گوپانگ، ممتاز سراز، نور الله مگسي جي اڳواڻي ۾ ٽنڊوڄام پريس ڪلب آڏو ٽن ڪلاڪن تائين علامتي بک هڙتال ڪئي ويئي.

انھيءَ موقعي تي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ٽنڊوڄام، راهوڪي، ٽنڊوقيصر ۽ تعلقي جي ٻين  علائقن ۾ شراب، چرس، مين پڙي، گٽڪي ۽ ٻيو منشيات جو وڪرو سري عام هلي رھيو جنھن ڪري نوجوان نسل منشيات جو عادي بڻجي تباهي طرف وڃي رھي آھي. 

هنن چيو ته سري عام هلندڙ منشيات خلاف پوليس ڪابه ڪاروائي نه پيئي ڪري. جنھن سبب منشيات جو آزار ڏينهون ڏينھن وڌندو پيو وڃي، هنن اعلى اختيارين کان گهر ڪئي ته تعلقي حيدرآباد ٻھراڙي ۾ منشيات فروشن خلاف ڪاروائي ڪري منشيات جو وڪرو بند ڪرائي نوجوان نسل کي بچايو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جاري رهندو.