گولاڙچي تعلقي ايڪشن ڪميٽي پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج

news

گولاڙچي (رپورٽ: ساجد اقبال) گولاڙچي تعلقي ايڪشن ڪميٽي پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ احمد راڄو روڊ  کان ٽائون ڪميٽي جي آفيس اڳيان 7 ڏينهن به  مظاهرو ڪيو ويو.

ان موقعي تي ناز نوتڪاڻي، نبي بخش سميجو ۽ لال بخش چانڊيو ميڊيا وارن سان ڳالهيندي چيو ته تعلقي جي ٻن ٽائون ڪميٽين، 12 يونين ڪائونسلن ۾ جيئن ايڊمنسٽريٽر مقرر ٿيا آهن ترقياتي ڪم ٿيڻ جو نالو ئي نه آهي، ملندڙ بجٽ آفيسرن جي بنگلن جون مرمت ٿي رهيون آهن، شهر ۾ گندگي جو آزار وڌي ويو آهي، روينيو جي آفيسن ۾ جائز ڪم پئسن جي عيوض به نٿو ٿئي، اسان جي احتجاجن بعد اسسٽنٽ ڪمشنر، مختيارڪار، ٽائون آفيسر آفيسن ۾ ويهڻ به ڇڏي ويا آهن.

هنن سنڌ جي وڏي وزير ۽ ڊپٽي ڪمشنر بدين کان مطالبو ڪيو ته ڄاڻايل ڪامورن خلاف قدم کڻي مليل گرانٽ مان ترقياتي ڪم ڪريا وڃن، آفيسرن کي آفيس ۾ ويهڻ جو پابند بڻايو وڃي، رشوت جي بازار ختم ڪرائي وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.