اوٻاوڙو ۾ نياڻين جي گرفتاري ۽ چڙهائي جي انڪوائري جو حڪم ڏنو آهي: سيد مراد علي شاهه

news

ميرپوربٺورو (رپورٽ: علي اڪبر بڪيرو) پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ وزيراعليٰ سنڌ مراد علي شاھ دڙو شهر پهچي پ پ ضلعي ٺٽي جي اڳوڻي صدر ارباب وزير احمد ميمڻ جي عيادت ڪئي، ارباب وزير ميمڻ کان خيرخيريت معلوم ڪئي.

ان موقعي تي وزيراعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اوٻاوڙو ۾ نياڻين جي گرفتاري ۽ چڙهائي جي انڪوائري جو حڪم ڪيو آهي، جاچ رپورٽ بعد ملوث اهلڪارن خلاف قدم کنيو ويندو.

هن دڙو ٽائون کي جلد تعلقي جو درجو ڏيڻ جو اعلان ڪندي چيو ته پهرين مرحلي ۾ آفيسون تعمير ڪري جلد نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويندو.

هن وڌيڪ چيو ته سنڌ جا ٻيٽ سنڌ جي ملڪيت آهن، ان تي وفاق کي قبضو ڪرڻ نه ڏينداسين.

ٻئي طرف بلاول ڀٽو ۽ چيف منسٽر جي آمد جي موقعي تي انتهائي سخت سيڪيورٽي جا انتظام ڪيا ويا ۽ بلاول جي آمد تي شهرين ۽ جيالن زبردست آجيان ڪئي.

ان موقعي تي صوبائي وزير سهيل سيال، ناصر شاهه، پ پ سجاول ضلعي جو صدر ايم پي اي محمد علي ملڪاڻي، ايم اين اي اياز شيرازي ۽ ايم پي اي شاهه حسين شيرازي سميت پ پ اڳواڻ موجود هئا.