بدين ۾ ڪار جي ٽڪر ۾ زخمي ٿيل نوجوان جي سڃاڻپ ٿي وئي، پوليس پاران ڊرائيور جي ڳولا جاري

news

بدين (رپورٽ: تنوير احمد) بدين پوليس جي ڪوششن سان حادثي ۾ زخمي ٿيل نوجوان جي سڃاڻپ ٿي وئي، وارث پهچي ويا، ڪار ڊرائيور جي ڳولا جاري.

خبر موجب گذريل ڏينهن شام جو کوسڪي روڊ آرمي اسڪول سامهون نامعلوم ڪار جي ٽڪر ۾ سخت زخمي ٿيل نوجوان جي تصوير ۽ خبر سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ ماڊل ٿاڻي جي ايس ايڇ او محمد انور لغاري ۽ وڏي منشي حنيف پنهور پاران نوجوان کي پنهنجي نگراني ۾ علاج لاءِ حيدرآباد داخل ڪرائڻ بعد پوليس پاران 20 ڪلاڪ تائين ڳولا ۽ پڇا بعد بعد زخمي نوجوان جي سڃاڻپ بدين ڀرسان ڳوٺ ميهار ملاح جي صادق پٽ مير حسن ملاح طور ٿي آهي.

جنهن بعد زخمي نوجوان جا وارث حيدرآباد پهچي نوجوان علاج ڪرائي رهيا آهن، جڏهن ته  ٽڪر هڻندڙ ڪار جي بدين پوليس پاران  تلاش جاري آهي.