مورو ڀرسان ٻانڌي روڊ لڳ چنگچي رڪشا ۽ موٽرسائيڪل ۾ ٽڪر، هڪ ڄڻو فوت، ٽي زخمي

news

مورو: مورو ڀرسان ٻانڌي روڊ لڳ جمال شاهه درگاهه وٽ چنگچي رڪشا ۽ موٽر سائيڪل ۾ ٽڪر ٿي پيو، جنھن جي نتيجي ۾ 15 سالن جو نينگر مجيب ڪورائي فوت، جڏھن ته سندس پيءُ غلام مصطفيٰ ڪورائي، منصور ڪورائي ۽ غلام مرتضيٰ ڪورائي زخمي ٿي پيا.

زخمين ۽ فوتي کي تعلقي اسپتال مورو آندو ويو، جتي فوت ٿيل مجيب ڪورائي جي لاش جون قانوني گھرجون پوريون ڪرڻ بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، جتي زخمين کي طبي امداد ڏني وئي، جن مان ٻن ڄڻن غلام مصطفيٰ ۽ غلام مرتضيٰ ڪورائي جي حالت نازڪ ھئڻ ڪري کين نوابشاہه اسپتال ڏانھن موڪليو ويو آھي.

فوتي ۽ زخمي مورو شھر جي وارڊ نمبر 08 غريب آباد محلي ٻانڌي روڊ جا رھواسي آھن.

ھوڏانھن فوتي نينگر جو لاش گھر پھچڻ تي قھرام مچي ويو، معلوم ٿيو آھي تہ فوتي نينگر مجيب ڪورائي پنھنجي گھرڀاتين سان گڏ موٽر سائيڪل تي سوار ٿي مائٽن ڏانھن گھمڻ لاءِ ڳوٺ خالد آباد وڃي رھيا ھئا تہ اھو حادثو پيش آيو آھي.

مورو ٿاڻي تي اھڙي حادثي جي رپورٽ داخل ڪئي وئي آھي، جڏھن ته حادثو ڪندڙ چنگچي رڪشا وارو فرار ٿي ويو آھي.