فضل الرحمان حڪم ڏئي ته عوام جي سمنڊ جو رخ اسلام آباد طرف ڪري ڇڏيان: مريم نواز
ويب ڊيسڪ | 3 مھينا پھريان

بهاولپور: مسلم ليگ (ن) جي نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته حڪومت ڪيرائڻ لاءِ بهاولپور جي عوام فيصلو ٻڌائي ڇڏيو آهي. هتي عوام جو ڇوليون کائيندڙ سمنڊ آهي، جيڪڏهن فضل الرحمان حڪم ڏئي ته ان سمنڊ جو رخ اسلام آباد جي طرف ڪري ڇڏيان.
اها ڳالهه هن پي ڊي ايم جي بهاولپور ۾ ڪڍيل ريلي کي خطاب ڪندي ڪئي. ان موقعي تي مولانا فضل الرحمان، يوسف رضا گيلاني، محمد زبير عمر ۽ ٻيا اڳواڻ به موجود هئا.
مريم نواز جو چوڻ هو ته جعلي، ناجائز ۽ نااهل وزيراعظم کي گهر موڪليو وڃي، ملڪ ۾ تمام گهڻي مهانگائي ٿي وئي آهي، جتي وڃان ٿي اتان جو عوام چوي ٿو ته مهانگائي ٻيڙو غرق ڪري ڇڏيو آهي. اڄ بهاولپور جي عوام فيصلو ٻڌائي ڇڏيو آهي، هتي عوام جو ڇوليون کائيندڙ سمنڊ آهي، جيڪڏهن پي ڊي ايم جو سربراهه مولانا فضل الرحمان چوي ته عوامي سمنڊ جو رخ اسلام آباد جي طرف ڪري ڇڏيان، جنهن ڏينهن پي ڊي ايم استعيفائون ڏنيون ته ان ڏينهن حڪومت جو خاتمو اچي ويندو.
هن چيو ته ٻيا صوبا چون ٿا ته جيستائين پنجاب اٿي نه بيهندو ملڪ ۾ تبديلي نه ايندي، پنجاب پنهنجا حق واپس وٺڻ لاءِ پوري طرح تيار آهي، پنجاب جي عوام ٻڌائي ته ڇا هو پنهنجو حق کسڻ لاءِ تيار آهي؟ ڇو ته پنجاب جي اٿي بيهڻ سان مخالفن جون ڄنگهون ڏڪڻ لڳنديون آهن، توهان جي حق تي ووٽ جي صورت ۾ جيڪو ڌاڙو هنيو ويو هو اهو واپس وٺڻ لاءِ تيار آهيو؟ ان جعلي حڪومت کي ڪيرائڻ لاءِ تيار آهيو؟

145