سنڌ يونيورسٽي انتظاميه فزيڪل امتحانن بابت جاري ڪيل جعلي سرڪيولر جو نوٽيس وٺي ڇڏيو

news

ڄامشورو (پ ر) سنڌ يونيورسٽي جي سيمسٽر امتحانن واري ڪنٽرولر محمد معشوق صديقي پاران فزيڪل امتحان منعقد ٿيڻ بابت جاري ٿيل ھڪ جعلي سرڪيولر جو سخت نوٽيس وٺندي ايف آءِ اي سان رابطو ڪري سائبر ڪرائيم ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آھي.

پنھنجي جاري ڪيل بيان ۾ ڪنٽرولر چيو ته ڪجهه جعلسازن پاران سنڌ يونيورسٽي جي ھزارين شاگردن کي پريشان ڪرڻ لاءِ ھڪ جعلي سرڪيولر ٺاھي وائرل ڪيو ويو آھي، جنھن کي جعلي سمجھي نظرانداز ڪيو وڃي.

ڪنٽرولر محمد معشوق صديقي موجب مختلف وقتن تي ھن قسم جا جعلي سرڪيولر جاري ڪندڙن خلاف جعلسازي جي ايف آءِ آر سائبر ڪرائيم ايڪٽ تحت ايف آءِ اي ۾ داخل ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آھي. ھن چيو ته ايندڙ 48 ڪلاڪن اندر شاگردن کي پريشان ڪندڙ جعلسازن کي گرفتار ڪرايو ويندو.

ھن شاگردن کي صلاح ڏني ته ھو اھڙن جعلي سرڪيولرن تي ڌيان نه ڏين ۽ انھن کي شيئر ڪرڻ بجاءِ نظرانداز ڪن.