مورو ويجھو ڳوٺ ڏيپارجا واسڻ جو مڙس جي ڏاڍ خلاف احتجاج

news

مورو: مورو ويجھو ڳوٺ ڏيپارجا جي رھواسڻ مسمات روزينا ماڇي مڙس پاران ٻي شادي ڪرڻ کانپوءِ ڇڏي ڏيڻ ۽ ٻارن جو خرچ نه ڏيڻ خلاف احتجاج ڪيو.

جتي ھن ٻڌايو ته منھنجي والدين پنج سال اڳ منھنجي شادي ماجد علي ولد حاجي برڪت علي ماڇي سان ڪرائي، جنھن مان مون کي ھڪ پٽ زين علي جو اولاد آھي، شادي کانپوءِ منھنجو مڙس مون سان خراب رويو رکندي مارڪٽ ڪندو رھندو ھو ۽ مون کي گھران ڪڍي ڇڏيو، جنھن سبب مان ھن وقت پنھنجي ماءُ پيءُ وٽ رھان ٿي

جڏهن ته منھنجي مڙس ماجد علي ماڇي ٻي شادي ڪري ڇڏي آھي ۽ ٽي سال گذرڻ باجود مون کي ۽ پنهنجي اولاد کي خرچ نٿو ڏئي. هن دانهيندي چيوته خرچ گهرڻ تي ڌمڪيون ڏئي ٿو.

هن وس وارن کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي مون سان انصاف ڪيو وڃي.