باڊهه شھر جي مانائتي ۽ گهڻ رخي شخصيت صحافي غلام محمد ڀٽي جي سالگرهه تقريب شاندار طريقي سان ملهائي وئي

news

ڏوڪري (رپورٽ: عبدالجبار ميمڻ) باڊهه شھر جي مانائتي ۽ گهڻ رخي شخصيت، اديب ليکڪ، سنڌي ادبي سنگت شاخ باڊهه جو سيڪريٽري، شاعر، صحافي غلام محمد  ڀٽي جي 48 سالگرهه ڀٽي چوڪ تي سندس قائم آفيس تي شاندار نموني سان ڪيڪ ڪاٽي ملھائي وئي.

ان موقعي تي سالگرهه پروگرام ۾ باڊهه شھر جي سياسي سماجي، ادبي، صحافتي تنظيمن جي نمائندن سينئر صحافي ڪالم نويس مسرور حسين سيال، سول سوسائٽي جو آغا نور محمد بليدي، ايس ٽي پي جو منور نوناري، صحافي واحد سنڌي، محمد امين سيال، جي ايم چنجڻي، رفيق احمد ابڙو، مظھر نوشاد، الھيار چانڊيو، استاد پناهه چنا، فيض الدين چنا، ڀٽي برادري جي احمد ڀٽي، مھراڻ ڀٽي، شاعر غلام مصطفيٰ ڀٽي، مزمل ڀٽي ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

جڏھن ته مقررين ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته صحافي غلام محمد ڀٽي ادب، شاعري ۽ صحافت جي دنيا جو ھڪ چمڪندڙ ستارو آهي، جنھن جي چانڊاڻ صدين تائين صحافت جي دنيا تي ڇانيل رھندي، ادب جي دنيا سان 1990ع کان وٺي سلھاڙيل رھيو، ٻاراڻي ادب ۾ کيس وڏي مڃتا ۽ ڪيترائي ايوارڊ مليل آھن. ھن وقت تائين ٻاراڻي ادب، رومانوي شاعري ۽ درد تنھائي واري شاعري تي سندس 8 ڪتاب، ”ٻالڪ پيارا ٻولي پياري“، ”رنگ برنگي گيت“، ”گل ستارا ٻار“، ”نئين دور جا ٻار“، ”ڦر ڦر سونٽو“، ”پيار ڪجي يا تڪرار ڪجي“ ۽ ”توکي ڪيڏو مون سانڍيو آهي ساهه“ شايع ٿيل آھن.

وڌيڪ ھنن چيو ته ذاتي زندگي ۾ ھو ھڪ ماڻيٺو ۽ مھمان نواز سان گڏ بيباڪ صحافي پڻ آهي، جڏھن ته آيل مھمانن سندس مٿان گلن جي ورکا ڪندي کيس 48 سالگرهه جي مبارڪباد ڏيندي وڏي ڄمار ۽ ڪامل صحت جون دعائون پڻ ڏنيون.