سينيٽ چونڊن ۾ حصو وٺڻ جو فيصلو اتفاق راءِ سان ڪيو ويندو: فضل الرحمان

news

ڊيره اسماعيل خان: (اربع 06 جنوري 2021ع)جمعيت علماءِ اسلام جي اڳواڻ مولانا فضل الرحمان مچ سانحي تي حڪومت کي تنقيد جو نشانو بنائيندي چيو آهي ته حڪومت چوي ٿي ته دهشتگردن کي شڪست ڏني، ڪٿي آهي اها شڪست؟

ڊيره اسماعيل خان ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي مولانا فضل الرحمان چيو ته سينيٽ چونڊن جي باري ۾ فيصلا گڏيل آهن. آئين ۽ قانون جي دائري ۾ رهندي حڪمت عملي تي ڌيان ڏئي رهيا آهيون. جنوري جو سڄو مهينو موجود آهي آئنده جو لائحه عمل به طئي ڪنداسين.

استعيفائن ۽ لانگ مارچ جي معاملي تي جنوري ۾ ڳالهيون ڪنداسين. هن چيو ته جعلي حڪومت سان قومي  ڊائيلاگ جو امڪان آهي هي جعلي اسيمبلي آهي هن کي وقت پورو نه ڪرڻ گهرجي. مولانا فضل الرحمان چيو ته حڪومت اسان جي مظاهرن کي نٿي روڪي سگهي.

ملتان ۽ لاهور ۾ ڪوشش ڪئي وئي. لکين ماڻهن جي اجتماع کي ٽي کان چار هزار جو اجتماع ظاهر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. هن وڌيڪ چيو ته مچ سانحو افسوسناڪ واقعو آهي ان جي ذميوارن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچايو ويندو.

حڪومت چوي ٿي ته دهشتگردن کي شڪست ڏني ڪٿي  آهي اها شڪست؟ ملڪ ۾ سموري ڪميونٽي غير محفوظ آهي.