نيري اڏامندڙ طشتري سمنڊ ۾ ڪري پئي، وڊيو وائرل

news

هوائي: آمريڪي رياست هوائي جي هڪ ٻيٽ تي مقامي ماڻهن آسمان ۾ اڏامندڙ هڪ پراسرار نيري شيءِ ڏٺي  جيڪا ٿوري دير کان نپوءِ سمنڊ ۾ ڪري پئي.

ماڻهن ان جي وڊيو ٺاهڻ کانسواءِ مقامي پوليس کي به اطلاع ڏنو جنهن تي پوليس هوائي بازي جي مرڪزي اداري ”فيڊرل ايوي ايشن ايڊمنسٽريشن“ (ايف اي اي) سان به رابطو ڪيو پر اداري پاران ان علائقي ۾ ڪنهن به جهاز جي موجود هجڻ يا سمنڊ ۾ ڪرڻ جو ڪو اطلاع ناهي.

سوشل ميڊيا واهپيدارن هيءَ وڊيو ”نيري اڏامندڙ طشتري“ جي عنوان سان شيئر ڪرايون جيڪي ڏسندي ئي ڏسندي وائرل ٿي ويون ۽ اڃان تائين وائرل آهن.

گذريل ڏينهن هڪ خانگي ٽي وي چينل ”اي بي سي 11“ ان وڊيو سان هڪ رپورٽ به جاري ڪئي جنهن ۾ ٻڌايو ويو ته تقريبن هڪ هفتو گذري وڃڻ باوجود مقامي پوليس ۽ ايف اي اي پاران ان ”اڏامندڙ نامعلوم شيءِ“ جي باري ۾ اڻڄاڻائي ظاهر ڪئي پئي وڃي.

ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ هارورڊ يونيورسٽي ۾ طبيعيات ۽ ڪونيات(فزڪس ۽ ڪوسمولوجي) جي مشهور ماهر”اوي لوئب“ هڪ مضمون ۾ دعويٰ ڪئي هئي ته خلائي مخلوق اسان سان رابطو ڪري چڪي آهي ۽ 2017 ۾ ڏٺل پراسرار ڪائناتي مهمان المعروف”اومواموا“ دراصل هڪ خلائي جهاز هو جيڪو اسان جي شمسي نظام جو دورو ڪرڻ آيو هو.