نوري آباد ۽ ڪوٽڙي جون ڪيتريون ئي فيڪٽريون گئس بحران سبب بند، هزارين پورهيت بيروزگار ٿي ويا

news

ڄامشورو (رپورٽ: حيات ميراڻي) نوري آباد ۽ ڪوٽڙي جون 12 فيڪٽريون گئس بحران سبب بند ڪيون ويون آهن، جنهن سبب هزارين پورهيت بيروزگار ٿي ويا آهن، سيارو شروع ٿيندي ئي مسلسل گئس بحران سبب انتظاميا 12 کان وڌيڪ فيڪٽريون بند ڪري ڇڏيون آهن.

فيڊريشن آف پاڪستان چيمبر آف ڪامرس جي نائب صدر عديل صديقي جو چوڻ آهي ته سئي سدرن گئس انتظاميا پاران صنعتي زون کي گئس نه ڏيڻ سبب نوري آباد ۽ ڪوٽڙي انڊسٽريل زون جون 12 کان وڌيڪ فيڪٽريون بند ڪيون ويون آهن، انڊسٽريل ايريا جي يونين اڳواڻ  ضياءُ الرحمان رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته نوري آباد جون 5 ۽ ڪوٽڙي جون 7 فيڪٽريون مسلسل گئس نه ملڻ سبب بند ڪيون ويون آهن، جنهن سبب ٽن شفٽن ۾ ڪم ڪندڙ هزارين پورهيت بيروزگار ٿي ويا آهن.

هن چيو ته  ڪوٽڙي ۽ نوري آباد جون 12 فيڪٽريون بند ٿيڻ سبب گتا، صرف، چوڙيون، پنا، ڪيبل جون تارون ۽ ڌاڳو ٺاهڻ وارو ڪم رڪجي ويو آهي، گئس بحران وارو مسئلو حل نه ڪيو ويو ته ايندڙ وقت ۾ ٻيون فيڪٽريون به بند ٿي سگهن ٿيون.

واضح رهي ته  سئي گئس جي بحران سبب ڪوٽڙي جو گئس ٽربائين پاور هائوس پڻ ڪيتري ئي عرصي کان بند پيل آهي.