مچ سانحو: مريم نواز ۽ بلاول ڀٽو جو شهيدن جي وارثن سان تعزيت جو اظهار

news

ڪوئٽه: (خميس 07 جنوري 2021ع) مسلم ليگ(ن) جي صدر مريم نواز ۽ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڌرڻي ۾ پهچي ويا جنهن کان پوءِ هن شهيدن جي وارثن سان تعزيت جو اظهار ڪيو آهي.

ڌرڻي کي خطاب ڪندي پ پ  چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيوته ڏک ۽ افسوس جي هن گهڙي ۾ اوهان سان گڏ آهيون. مان هزارا برادري جي ڏک ۾ اوهان سان گڏ آهيان هي سياست نه آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پاڪستان اهڙو ملڪ  ۽ ڌرتي آهي جتي لاشن تي به احتجاج ڪيو ويندو آهي. ڏک جي هن گهڙي ۾ مان پنهنجي هزارا جي ڀيڻ ڀائرن  کي ڇا چئي سگهان ٿو ۽ ڇا ٻڌائي سگهان ٿو اسان جي حڪومت هلي وئي ٻئي حڪومت اچي وئي آهي اسان ٻيهر شهيدن سان احتجاج گڏ احتجاج ڪري رهيا آهيون.

پ پ چيئرمين چيو ته جڏهن اوهان 100 لاشن سان گڏ احتجاج ڪيو ته اسان حڪومت کي برطرف ڪري ڇڏيو هو هاڻ خان صاحب جي حڪومت آهي ٻيهر اوهان شهيدن سان احتجاج ڪري رهيا آهيو اوهان جو مطالبو هڪ ئي آهي ته هزارا جي ڀائرن کي جيئڻ ڏيو. هن چيو ته مون کي محسوس ٿي رهيو آهي ته اسان جو خون سستو آهي. 1999ع کان وٺي اڄ تائين 2000 هزارا برادري جا ماڻهو شهيد ٿي چڪا آهن پر اڄ تائين هڪ شهيد کي به انصاف ناهي مليو. هنن جا سڃاڻپ ڪارڊ ڏسي کين قتل ڪيو ويندو آهي. رياست کي اپيل آهي ته وطن سان محبت ڪندڙن کي انصاف ڏنو وڃي. هن چيو ته منهنجو تعلق به شهيد خاندان سان آهي. اسان به اڄ تائين پنهنجي شهيدن کي انصاف ناهيون ڏياري سگهيا منهنجو واعدو آهي ته مان اوهان جو ساٿ نڀائيندو رهندس.

ان موقعي تي پاڪستان مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ مريم نواز وزيراعظم عمران خان کان مطالبو ڪيو ته هو هزارا برادري جي مٿي تي هٿ رکي هي ماڻهو به رياست جا شهري آهن انهن کي تحفظ ڏنو وڃي. ماڻهن جي ڏک ۾ شريڪ ٿيڻ وزيراعظم جي ذميواري آهي. مريم نواز هزارا برادري جي ڌرڻي کي خطاب ڪندي چيو ته اوهان جا پيارا شهيد ٿي ويا آهن مان اوهان سان دلي تعزيت ڪريان ٿي. مون وٽ اوهان جي دلجاءِ لاءِ ڪي به لفظ نه آهن جنهن تي گذرندي آهي صرف ان کي ئي خبر هوندي آهي. منهنجي پيءُ اوهان لاءِ خاص سلام موڪليو آهي. صرف اسان نه پر پوري قوم اوهان سان گڏ بيٺل آهي.

ليگي اڳواڻ چيو ته مچ سانحي ۾ غريب پورهيتن جا ڳلا ڪٽيا ويا. تصويرون به نٿيون ڏسي سگهجن. هزارا برادري جي ماڻهن کي محدود ڪيو ويو آهي. انهن کي آزاد چرپر جي به آزادي نه آهي. هن جو چوڻ هو ته ان ڳالهه جو ڏک آهي ته اوهان ڪنهن بي حس شخص کي سڏي رهيا آهيو جنهن وٽ اوهان جي لاءِ به وقت نه آهي. خدارا رياست جي شهرين کي تحفظ ڏنو وڃي. شهرين جو تحفظ رياست جي ذميواري آهي. هن وزيراعظم تي سخت تنقيد ڪندي چيو  ته اقتدار جي ڪرسي تي ويٺل شخص تي ڏک آهي جيڪو تنقيد جي ڊپ کان هتي ناهي اچي رهيو پر ان جو فرض آهي ته هو ماڻهن جي ڏکن ۾ شريڪ ٿئي.

مريم نواز چيو ته مون کي چيو ويو آهي ته جيستائين وزيراعظم نه ايندو اسان شهيدن جي تدفين نه ڪنداسين ڇا وزيراعظم جي انا هنن جي ڳوڙهن کان وڏي ٿي وئي آهي. وزيراعظم کي هتي اچڻو پوندو. احتجاج ڪندڙ هن کان ڪا وڏي شيءَ ناهن گهري رهيا.