ٽنڊوڄام ۾ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ، ڏهه ٽيمن ۾ مقابلو، ينگ اسٽارز کي سوڀ

news

ٽنڊوڄام(رپورٽ: مستنصر علي جمالي) راجپوت پبلڪ اسڪول پاران ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ منعقد ڪيو ويو. جنهن ۾ اسڪول جي 10 ٽيمن حصو ورتو، ٽورنامينٽ جو فائينل ميچ ينگ اسٽار ڪرڪيٽ ڪلب ۽ واريئرز ڪرڪيٽ ڪلب وچ ۾ کيڏيو ويو جنهن ۾ واريئرز جي ٽيم مقرر 8 اوورن ۾ 68 رنسون ٺاهيون.

جواب ۾ ينگ اسٽارز جي ٽيم 7 اوورن ۾ مليل ٽارگيٽ پورو ڪري فائينل کٽي ورتو. ينگ اسٽارز جي اسامه کي ميچ جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو، ان موقعي تي مھمان خاص تسليم رشيد راجپوت ونر ۽ رنر ٽيم جي رانديگرن ۾ انعام ورهايا ويا، انھي موقعي تي اسڪول جي پرنسپال شير علي راجپوت، توفيق راجپوت سميت ٻيا موجود ھئا.