جيڪب آباد ۾ مچ سانحي خلاف ٻئي ڏينهن به ڌرڻو جاري

news

جيڪب آباد (رپورٽ: عبدالنبي مگسي) جيڪب آباد ۾ مچ سانحي جي يارنهن پورھيتن جي بيدرديءَ سان قتل واري واقعي خلاف شيعا ڪائونسل ۽ مجلس وحدت المسلمين پاران ڊي سي چوڪ تي لڳل ڌرڻو ٻئي ڏينهن به جاري رھيو.

لڳل احتجاجي ڪيمپ ۾ وڏي انگ ۾ سياسي پارٽين جي اڳواڻن عبدالستار جاگيراڻي، نديم قريشي، احمد علي بروهي ۽ شھرين پھچي شيعا اڳواڻن بنده علي جعفري، سيد احسان شاهه ۽ ٻين سان مچ سانحي تي يڪجهتي جو اظھار ڪيو.

ان موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ آهي ته بلوچستان حڪومت ناڪام ٿي وئي آهي، پنج ڏينهن گذرڻ باوجود قاتلن کي وائکو نه ڪيو ويو، وارث پنهنجي پيارن جي لاشن کي روڊ تي رکي احتجاج ڪري رهيا آهن پر حڪومت کي جونءَ به چڪ نه پاتو آهي.

ھنن چيو ته عمران حڪومت کي ھاڻي رھڻ جو ڪوبه حق ناهي ھو پنھنجي گھر ھليا وڃن، مچ سانحي ۾ شھيد ٿيل يارنهن مزدورن جا قاتل گرفتار ڪري ظاهر ڪيا وڃن نه ته ڌرڻو جاري رهندو.