پنوعاقل لڳ پنج ڏينهن اڳ گم ٿيل ٻارڙي جو پراڻي کوھ مان لاش هٿ

news

پنوعاقل(رپورٽ:قربان ملڪ)پنوعاقل لڳ بائجي ٿاڻي جي حد ڳوٺ حاجي خان چاچڙ مان 5 ڏينهن اڳ پراسرار نموني گم ٿي ويل 5 ورهين جي معصوم نينگري جنت چاچڙ گم ٿي وئي هئي، جنهن جي وارثن پاران گهڻي ڳولا ڪئي وئي هئي پر هوءَ هٿ نه اچي سگهي ھئي.

ان حوالي سان ٻارڙي جي وارثن جنت جي گم ٿيڻ جي اين سي به بائجي ٿاڻي تي داخل ڪرائي هئي پر 5 ڏينهن گذرڻ بعد اڄ ٻارڙي جنت جو لاش ڳوٺ حاجي خان چاچڙ  ڀرسان پراڻي کوھ مان ھٿ آيو آهي. 

ٻارڙي جو لاش علائقي واسين ڏسي پوليس کي اطلاع ڏنو جنهن بعد پوليس ٻارڙي جو لاش کڻائي پوسٽ مارٽم لاء تعلقي اسپتال آندو جيڪو ضروري ڪاروائي کانپوءِ وارثن حوالي ڪيو ويو.

معصوم نينگري جو مڙھ گھر پھچڻ تي قھرام مچي ويو، پوليس موجب واقعي جي ھر رخ کان جاچ ڪري رھيا آھيون، پوسٽ مارٽم رپورٽ بعد واضح ٿي ويندو.

ٻئي طرف نينگري جي وارثن ٻڌايو آھي تہ اسان کي خدشو آھي تہ اسان جي نينگري کي ڪنھن گندي پاڻي جي کوھ ۾ اڇلائي قتل ڪيو آھي، پوليس جاچ ڪري جوابدارن کي گرفتار ڪري.