مدئجي ۾ گمبٽ واسي ڳوٺاڻي پاران زال جي اغوا ۽ پوليس خلاف احتجاج

news

مدئجي (رپورٽ: ايوب بروهي) مدئجي ۾ گمبٽ واسي ڳوٺاڻي پاران پيار جي پرڻي بعد زال جي اغوا خلاف احتجاج ڪري، زال کي واپس ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو آهي.

ان سلسلي ۾ مليل ڄاڻ موجب گمبٽ جي مس ۾ محلي جي رهواسي سيد اعجاز شاهه پريس ڪلب پهچي دانهيو آهي ته مون ساڳئي شهر جي رهواسڻ فرزانا ڌيءُ سڪندر ڊرگھ سان پيار جو پرڻو ڪيو هو، جنهن تي منهنجي سهري سڪندر ڊرگھ جوابدار ساڻ ڪري گهر تي حملو ڪري، منهنجي گهر ۾ گهڙي گهرڀاتين کي يرغمال بڻائڻ بعد منهنجي گهرواري فرزانا کي هٿيارن جي زور تي اغوا ڪري کڻي ويا آهي.

اغوا بعد منهنجي گهرواري کي گهوٽڪي ۾ ترسائڻ بعد زبردستي سندس جو نڪاح مٿان نڪاح ڪيو ويو آهي، جنهن خلاف مون گمبٽ ٿاڻي تي پنهنجي زال جي اغوا جو ڪيس ۽ سيشن ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪئي آهي، جنهن تي ڪورٽ پوليس کي حڪم ڏنو آهي ته 9 جنوري تي منهنجي گهرواري فرزانا کي ڪورٽ ۾ پيش ڪيو وڃي.

پوليس رشوت عيوض منهنجي زال کي ڪورٽ ۾ پيش نٿي ڪري نه ئي جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪري رهي آهي.

هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن 9 جنوري تي منهنجي گهرواري کي ڪورٽ ۾ پيش نه ڪيو ويو ته خيرپور پريس ڪلب آڏو پاڻ کي باهه ڏيئي ساڙي ڇڏيندس، هن اختيارين کي اپيل ڪندي چيو ته نوٽيس وٺي بنادير زال کي بازياب ڪرائي گڏ رهڻ جي اجازت ڏني وڃي.