نئون ديرو ۾ اسٽيشن روڊ تي ڪرياني جي دڪان کي کاٽ، روڪ رقم ۽ قيمتي سامان چوري، احتجاج

news

نئون ديرو (رپورٽ: رحمت الله موريو) نئون ديرو شهر جي اسٽيشن روڊ سان ڪرياني جي دڪان کي نامعلوم چور کاٽ هڻي لکين روپيه روڪ ۽ ٻيو قيمتي سامان چوري ڪري فرار ٿي ويا.

چوري واقعي خلاف متاثر دڪاندار شهر جي ويگن اسٽينڊ وٽ نئون ديرو ۽ رتوديرو روڊ تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو، مڇريل ماڻهن ٽائرن کي باهيون ڏئي رڪاوٽون رکي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو، مظاهرين پوليس خلاف ڇتي نعريبازي ڪئي.

ان موقعي تي دڪاندار محمد نواز ڀٽو ٻڌايو ته رات جي وقت نامعلوم چور دڪان کي پوئين پاسي کان کاٽ هڻي 3 لک روپين کان وڌيڪ روڪ رقم ۽ ٻيو قيمتي سامان چوري ڪري ويا آهن. هن مطالبو ڪيو ته چوري ٿيل رقم ۽ سامان واپس ڪري چورن کي هڪدم گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي.

هوڏانهن ٻن ڪلاڪن بعد ڊي ايس پي نئون ديرو ۽ ايس ايڇ او نئون ديرو صادق ميمڻ مظاهرين وٽ پهچي چوري ٿيل رقم ۽ سامان واپس ڪرائڻ جي خاطري ڪرائي احتجاج ختم ڪرايو.