ڏوڪري (رپورٽ: عبدالجبار ميمڻ) ڏوڪري ۾ مجلس وحدت المسلمين ۽ شعيا علماءِ ڪائونسل جي اڳواڻن زوار عبدالقادر جلباڻي، فدا حسين ابڙو، مولانا غلام علي عاملي، زوار قاضي وحيد علي، صحبت علي جسڪاڻي، قاضي زيب حسين، غلام اصغر پنجتني ۽ ٻين پاران مچ واقعي خلاف موهن جو دڙو چنا پل ايئرپورٽ روڊ تي رڪاوٽون بيهاري ڌرڻو هڻي ويهي رهيا آهن.
ان موقعي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته هزاره جي ڀائرن جي ٿيل حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا.
هنن چيو ته ملڪ دشمن ملڪ ۾ مذهبي انتشار ڦهلائڻ جي ڪوشش ڪندي امن امان جي صورتحال کي خراب ڪري رهيا آهن، هنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته مچ واري واقعي ۾ ملوث دهشتگردن خلاف ڪارروائي ڪري انصاف ڪيو وڃي ۽ جيستائين انصاف نه ملندو احتجاج جاري رهندو.