مچ ۾ دهشتگردن هٿان قتل ٿيل يارنهن پورهيتن جي جنازي نماز ادا، وڏي انگ ۾ ماڻهن جي شرڪت

news

ڪوئٽه: (ڇنڇر 09 جنوري 2021ع) ڪوئٽه ۾ مچ سانحي جي شهيدن جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي. جنهن جي تدفين هزارا ٽائون جي قبرستان ۾ ڪئي ويندي.

شهيدن جي وارثن ۽ حڪومت وچ ۾ ڳالهيون ڪامياب ٿيڻ کان پوءِ ڌرڻو ختم ڪيو ويو. بلوچستان جي وڏي وزير ڄام ڪمال خان، وفاقي علي زيدي، قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر قاسم سوري ۽ وزيراعظم جي خاص معاون ذولفي بخاري ڌرڻي ۾ شرڪت ڪندڙن سان هڪ دفعو ٻيهر ڳالهيون ڪيون جنهن کان پوءِ وارثن حڪومتي ٽيم سان لکت ۾ معاهدو ڪري 6 ڏينهن کان پوءِ ڌرڻو ختم ڪيو.

شهيد پورهيتن جي جنازي نماز ۾ وڏي انگ ۾ ماڻهن جي شرڪت، جنازي نماز جي موقعي تي سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا. ڪوئيٽا ۾ وڏي وزير ڄام ڪمال ۽ وفاقي وزير علي زيدي جي سربراهي ۾  حڪومتي ٽيم سان ڳالهيون ڪامياب ٿيڻ بعد هزارا برادري 6 ڏينهن تائين جاري ڌرڻو ختم ڪري ڇڏيو هو.

ڌرڻي جي ختم ٿيڻ کان پوءِ ڪراچي، حيدراباد، سکر ۽ لاڙڪاڻو سوڌو سنڌ جي مختلف شهرن ۾  ٽريفڪ  رواني  معمول تي اچي وئي آهي.

جڏهن ته مچ ۾ شهيدن جي تدفين کان پوءِ وزيراعظم عمران خان ۽ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه جي ڪوئٽه اچڻ جو امڪان آهي.