ميرپوربٺورو: صوفي شاهه عنايت پريس ڪلب جي لاءِ نئين باڊي چونڊجي وئي

news

ميرپور بٺورو( رپورٽ: علي اڪبر بڪيرو)صوفي شاھ عنايت پريس ڪلب جي نئين سال لاءِ گڏجاڻي اڳوڻي صدر شاھد سمون جي صدارت ۾ ٿي گذري، گڏجاڻي ۾ نئين سال لاءِ باڊي چونڊي وئي جنهن ۾ سرپرست اعليٰ بابو خيرپوري، صدر مختيار علي زئونر، سينيئر نائب صدر نظير احمد لاشاري، نائب صدر شاھد سمون، نائب صدر شھزاد قادر خاصخيلي، نائب صدر سجاد علي سومرو، جنرل سيڪريٽري حاجي موسىٰ کٽي، جوائنٽ سيڪريٽري سجاد ميمڻ، خزانچي عدنان سمون، اطلاعات سيڪريٽري نظر علي ميمڻ، پريس سيڪريٽري جاويد ڏيٿو ۽ آفيس سيڪريٽري اڪبر بڪيرو چونڊيا ويا جڏهن ته ورڪنگ ڪاميٽي تي قاسم رنگريز، قادرخاصخيلي، گل بھار ڏيٿو، امام بخش کاڙڪ، عرس ڪيھر، عبدالطيف ملاح ۽ الطاف چانڊيو چونڊيا ويا آھن.

ان موقعي تي صدر ۽ ٻين اڳواڻن چيو پريس ڪلب ۾ بنيادي سھوليتن جي تمام گھڻي کوٽ آھي جنهن لاءِ پريس ڪلب جي ترقي ۽ بھتري لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪيون وينديون، ھنن چيو ته صحافتي ذميواريون ايمانداري ۽ غيرجانبداري سان نڀايون وينديون، صحافت غريبن ۽ مظلومن جو آواز آھي، ان آواز کي بلند رکڻ لاءِ ڪنهن به قرباني کان نه ڪيٻايو ويندو.