اگهن جي نگرانيءَ لاءِ نئون ميڪنزم تيار ٿي ويو

news

اسلام آباد: وزيراعظم 17 وڏن شهرن ۾ ضرورت وارين شين جي اگهن کي ريڪارڊ ۽ مانيٽر ڪرڻ لاءِ ڊيسيشن سپورٽ سسٽم فار انفليشن جي منظوري ڏئي ڇڏي.

ڊي ايس ايس آءِ انهن شهرن ۾ بنيادي ضرورت وارين شين جي اگهن تي عملدرآمد جي سلسلي ۾ لاڳاپيل ڊپٽي ڪمشنرز جي ڪارڪردگي تي نظر رکندو ۽ ان کانپوءِ بهتر گورننس جي درجه بندي هر هفتي خميس جي ڏينهن جاري ڪئي ويندي.

سسٽم ذريعي پي بي ايس پهرئين مرحلي ۾ 17 شهرن جي بازارن ۾ شين جي اگهن ۽ ڊي سي جي اگهن ۾ ڀيٽ ڪندو.

درجا بندي هفتيوار بنيادن تي ڊپٽي ڪمشنر جي سٺي يا خراب حڪمراني جي عڪاسي ڪندي، ڊي ايس ايس آءِ مارڪيٽ جي معلومات گڏ ڪندو.

ڊي ايس ايس آءِ مارڪيت سطح تي معلومات شهرن وچ ۾ بهتر نگراني ڪري اگهن ۾ اضافي کي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو.

ڊي ايس ايس آءِ وزيراعظم سميت صوبائي ۽ وفاقي سطح تي اعليٰ انتظاميا لاءِ انگن اکرن تي مشتمل طريقيڪار ڏيندو ته جيئن ملڪ ۾ هفتيوار ۽ ماهوار بنيادن تي ضلعي انتظاميا جي ڪارڪردگي جي نگراني ڪري سگهجي.