مورو: مورو ڀرسان درگاهه نورشاهه وٽ ڄڃ سان ڀريل تيزرفتار ڊاٽسن ڊرائيور جي ڪنٽرول مان نڪري واٽر ڪورس ۾ ھلي وئي آهي، جنهن جي نتيجي ۾ عورتن، مردن ۽ ٻارڙن سميت 10 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا.
زخمين ۾ سليم لاشاري، عبدالقادر لاشاري، شھزادو لاشاري، لطيفان لاشاري، ننڍڙي خورشيدا لاشاري، عطر خان لاشاري، شھباز لاشاري ۽ وحيد لاشاري سميت ننڍڙا ٻار ۽ عورتون شامل آهن، جن کي مقامي اسپتال قمرآباد پھچايو ويو، جتي ڊاڪٽر نه ھئڻ ڪري زخمين کي فوري طور مورو اسپتال پھچايو ويو.
جڏهن ته ڄڃ ڳوٺ قمرآباد کان دوڙ ڀرسان لاشاري اسٽاپ وڃي رھي ھئي ته رستي ۾ حادثو پيش آيو، جڏهن ته ڊرائيور فرار ٿي ويو آهي.