مدئجي لڳ چنگچي کي مزدا جو ٽڪر، روڊ تي پيل زخمين مٿان ڪوچ چڙهي وئي، ٻه عورتون فوت، اٺ ڄڻا سخت زخمي

news

مدئجي (رپورٽ: ايوب بروهي) مدئجي ويجهو جلباڻي لاڙي سکر لاڙڪاڻو مين روڊ تي تيز رفتار مزدا چنگچي رڪشا  کي زوردار ٽڪر هنيو، جنهن دوران پويان ايندڙ تيز رفتار ڪوچ روڊ تي پيل زخمين مٿان چڙهي وئي.

جنهن جي نتيجي ۾ ڳوٺ محمد مراد بروهي واسي 2 عورتون موقعي تي چيپاٽجي فوت ٿي ويون ۽ چئن عورتن سميت 8 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا.

جنهن دوران ڳوٺاڻن پهچي فوتي عورتن جا لاش ۽ زخمين کي کڻائي تعلقي اسپتال پهچايو، جتي فوتي عورتن جي سڃاڻپ مسمات حرمت خاتون زال لطيف بروهي ۽ مسمات  بيبي خاتون بروهي طور ڪئي وئي.

جڏهن ته زخمين ۾ در بيبي بروهي، سوني خاتون، گنج خاتون، شايان، سمير، بابر ۽ امتياز شامل آھن، زخمين مان چئن ڄڻن کي لاڙڪاڻو اسپتال نيو ويو، جڏهن ته تعلقي اسپتال ۾ ليڊي ڊاڪٽر موجود نه هجڻ سبب فوتي عورتن جا مڙهه پوسٽ مارٽم لاءِ شڪارپور اسپتال اماڻيا ويا، جتان پوسٽ مارٽم بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيا ويا، جيڪي ڳوٺ محمد مراد بروهي ۾ گهرن ۾ پهچايا ويا، جتي فوتي عورتن جي وارثن ۾ قهرام مچي ويو.

هوڏانهن حادثي بعد مزدا ڊرائيور موقعي تان مزدا سميت فرار ٿي ويو، پوليس ڪوچ ۽ ڊرائيور کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آھي، حادثي بابت زخمين ٻڌايو ته چنگچي رڪشا تي ڳوٺ محمد مراد بروهي مان علاج لاءِ مدئجي اچي رهيا هئاسين ته تيز رفتار مزدا ٽڪر هنيو جنهن ۾ سوار مسافر عورتون ۽ ٻار روڊ تي ڪري پيا ته پويان ايندڙ تيز رفتار ڪوچ روڊ تي پيل زخمين مٿان چڙهي وئي، جنهن دوران ٻه عورتون موقعي تي فوت ٿي ويون.

خبر فائيل ٿيڻ تائين واقعي جو ڪيس داخل ٿي نه سگهيو هو.