پي ڊي ايم اڄ مالاڪنڊ ۾ سياسي طاقت جو مظاهرو ڪندي

news

مردان: (سومر 11 جنوري 2021ع) پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ(پي ڊي ايم) اڄ مالاڪنڊ ۾ سياسي طاقت جو مظاهرو ڪندي. پي ڊي ايم جي انتظاميه طرفان اجازت نه ملڻ تي بٽ خيله ۾ جلسي جي جڳهه تبديل ڪئي وئي آهي. هاڻ جلسو سوات ايڪسپريس وي جي ٽال پلازه جي ويجهو ٿيندو. ڊپٽي ڪمشنر مالاڪنڊ چيو آهي ته ڪورونا ايس او پيز سبب جلسي ۽ ريلي جي اجازت نٿا ڏئي سگهون. اڄ پوليو ٽيمن سان گڏ ليويز جا 600 اهلڪار سيڪيورٽي ڊيوٽي تي هوندا. هن  وڌيڪ چيو ته جلسي ۾ شرڪت ڪندڙ اڳواڻن کي  اڳ ئي خطرا آهن. اين او سي کان سواءِ جلسا منعقد ڪرڻ قانون جي ڀڃڪڙي هوندي. جنهن جي خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي. پ پ جي صوبائي صدر همايون خان چيو آهي ته پي ڊي ايم کي ريلي ڪرڻ لاءِ ڪنهن کان به اجازت وٺڻ جي ضرورت نه آهي. جمعيت علماءِ اسلام(جي يو آءِ) ظفر پارڪ ۾ ئي جلسو ڪرڻ تي بضد آهي جڏهن ته مسلم ليگ(ن) ۽ اي اين پي جي اڳواڻن اڃان تائين جلسي واري جڳهه جو فيصلو نه ڪيو آهي. جڏهن ته مسلم ليگ(ن) جي نائب صدر مريم نواز مالاڪنڊ جلسي ۾ شرڪت نه ڪندي. مردان شير ڳڙهه بازار ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جا قافلا گڏ ٿيڻ شروع ٿي ويا آهن. جڏهن ته شهر جي اهم روڊن تي ٽريفڪ جام ٿي وئي آهي. ڪارڪنن جو وڏو انگ جڳهه جڳهه تي پنهنجي اڳواڻن جي انتظار ۾ جهمريون هڻي رهيو آهي.