جيڪب آباد ۾ ڪتا مار مھم ناڪام، ڪتن ٽن ٻارڙن سميت يارنهن ڄڻن کي ڏاڙھي وڌو

news

جيڪب آباد (رپورٽ: عبدالنبي مگسي) جيڪب آباد ۾ ڪتا مار مھم ناڪام،  ڪتن ٽن ٻارڙن سميت 11 ماڻھن کي ڏاڙھي وڌو.

جيڪب آباد ۾ ھڪ ڏينھن اندر ڪتن جي ڏاڙھيل  11 نوان ڪيس سامھون آيا آهن، جن کي جمس اسپتال مان ويڪسين ڪري گھر روانو ڪيو ويو آهي.

يارنهن ڪتي ڏاڙھيلن مان 8 جو تعلق جيڪب آباد ضلعي سان آھي، ھڪ بلوچستان ۽ ٻن جو تعلق فاٽا سان آھي.

ڪتي ڏاڙھيل جن ۾ محمد حنيف ٻرڙو، رخسانا عمراڻي، ذاڪر لاشاري، رازل قمبراڻي، پروين ڪٽو، صادق بروھي، ابوبڪر سومرو، مسلم ٻرڙو، فاٽا واسي عمران پٺاڻ، محمد ادريس پٺاڻ ۽ بلوچستان واسڻ اميران ميرالي شامل آهن.

ان سلسلي ۾ جمس اسپتال جي ترجمان خالد سومرو موجب ته ھڪ ڏينھن ۾ يارنهن ڪتي ڏاڙھيل مريض اسپتال پھتا جن کي ويڪسين ڏئي گھر روانو ڪيو ويو آهي.