نوابشاهه (رپورٽ: فدا چانڊيو) نوابشاهه جي مختلف علائقن سان تعلق رکندڙ معذورن پاران معذور ڪوٽا تي عمل نه ٿيڻ خلاف علي احمد بھراڻي، مدد علي بروهي، دلمراد مري، زاھد ڇٽو، انور علي بروھي، اعجاز واسواڻو، نور بروهي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ نوابشاهه پريس ڪلب ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪندي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو.
ان موقعي تي ھنن چيو ته اسان گذريل 10 سالن کان وٺي احتجاج ڪري رھيا آھيون پر اسان کي معذور ڪوٽا تي نوڪري نٿي ڏني وڃي، ھنن چيو ته اسان سڀ گريجوئيٽ آھيون ۽ ھن وقت تائين 150 مختلف کاتن ۾ اپلائي ڪري چڪا آھيون پر اسان کي معذور ڪوٽا تي نوڪري نٿي ڏني وڃي.
ھنن چيو ته اسان ھن وقت انتھائي پريشاني واري زندگي گذاري رھيا آھيون، معصوم ٻچا بک تي ويٺا آھن پر اسان جي ڪير به مدد ڪرڻ لاءِ تيار ناھي، ھنن چيو ته 15 جنوري تي نوابشاهه پريس ڪلب آڏو معذورن پاران بک ھڙتال ڪئي ويندي، جنھن ۾ معذورن سميت سنڌ جي باشعور ڌرين کي اپيل ٿا ڪيون ته ھو اسان جو ساٿ ڏين.
ھنن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته اسان کي معذور ڪوٽا تي نوڪري ڏني وڃي، ٻي صورت ۾ نوابشاھه پريس ڪلب سامھون پاڻ تي پيٽرول ھاري باھه ڏئي ساڙينداسين.