ڪراچي ۾ پنجين ڪلاس جي شاگرد کي پنهنجي ڪلاس فيلو قتل ڪري ڇڏيو

news

ڪراچي: (سومر 11 جنوري 2021ع) پوليس منگهو پير الطاف نگر ۾ 12 ساله ڇوڪري جي قتل ۾ ملوث ان جي ٻن دوستن کي گرفتار ڪري هڪ دوست جي والدين کي به  جاچ ۾ شامل ڪري ورتو آهي.

9 جنوري تي منگهو پير ٿاڻي جي علائقي اورنگي ٽائون سيڪٽر ساڍا 11 الطاف نگر ۾ خالي پلاٽ تان 12 ساله  نينگر ارباز جي لاش ملي هئي جنهن کي مٿي تي وزني شيءَ هڻي قتل ڪيو ويو هو، پوليس لاش تحويل ۾ وٺڻ کان پوءِ صابطي جي ڪارروائي کان پوءِ واقعي جو ڪيس داخل ڪري ورتو هو.

پوليس ٻڌايو هو ته مقتول ارباز موبائل فون مان گيمز ڊائون لوڊ ڪرائڻ جي لاءِ پنهنجي دوست جي گهر ويو هو جتان هو گم ٿي ويو هو جنهن جي ٻئي ڏينهن دوست جي گهر ٻاهران خالي پلاٽ مان سندس لاش مليو هو، پوليس فوري طور تي مقتول جي دوست ارحم کي گرفتار ڪري جاچ شروع ڪئي جنهن دوران 12 ساله ڇوڪري جي قتل وارو معاملو حل ڪندي ان جي 2 دوستن ارحم ۽ ارسلان کي گرفتار ڪري قتل ۾ استعمال ٿيندڙ اوزا ۽ رت وارا ڪپڙا به هٿ ڪري ورتا آهن.

پوليس موجب گرفتار جوابدار ارحم ۽ مقتول ارباز ٻئي پنجين ڪلاس جا شاگرد آهن. ارحم جاچ دوران ڏوهه قبول ڪندي ٻڌايو ته مون هڪ ٻئي دوست ارسلان سان گڏجي مقتول جو لاش پلاٽ تي اڇليو هو.

گرفتار جوابدار ٻڌايو ته مون کي امتحانن جي اهم سوالن جي خبر پئجي وئي هئي ۽ مون پنهنجي مقتول دوست ارباز کي اهم سوال خبر هجڻ جي باري ۾ ٻڌائي ڇڏيو هو، مبينه طور تي راز فاش ڪرڻ جي ڊپ سبب ارسلان سان گڏجي ارباز کي قتل ڪيو. 

پوليس ٻڌايو ته مقتول جي ميڊيڪل رپورٽ اچڻي آهي جنهن کان پوءِ ئي واضح ٿيندو ته مقتول ارباز کي زيادتي جو نشانو بنايو ويو يا نه، پوليس مقتول جو ڊي اين اي ٽيسٽ به ڪرايو آهي جنهن جي رپورٽ اڃان تائين ناهي ملي سگهي، پوليس ارحم جي والدين کي به جاچ ۾ شامل ڪري پڇاڳاڇا شروع ڪري ڏني آهي.