ڪراچي ۾ دهشتگردي جي وڏي ڪارروائي جو امڪان: پوليس هاءِ الرٽ

news

ڪراچي: (اڱارو 12 جنوري 2021ع) ڪراچي ۾ شڪي اڇي رنگ جي گاڏي داخل ٿيڻ جي اطلاع تي پوليس الرٽ ٿي وئي آهي جنهن کان پوءِ سڄي شهر ۾ اسنيپ چيڪنگ ۾ اضافو ڪيو ويو آهي.

تفصيل موجب سومر ۽ اڱاري جي وچ رات ڌاري شهر ۾ اوچتو اسنيب چيڪنگ وڌائي وئي آهي. پوليس جي وڏي نفري به جڳهه جڳهه تي مقرر ڪئي وئي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته پوليس کي انٽيليجنس جي اطلاع ملي آهي ته شهر ۾ اڇي رنگ جي هڪ شڪي گاڏي داخل ٿي چڪي آهي جنهن جي ذريعي دهشتگردي جي ڪا وڏي ڪارروائي ٿي سگهي ٿي ان ڪري ان اڇي رنگ جي ڪرولا کي جلد کان جلد ڳوليو وڃي.

انٽيليجنس اطلاع  کان پوءِ سومر ۽ اڱاري جي وچولي رات ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي غلام نبي ميمڻ  طرفان تڪڙا حڪم ڏنا ويا آهن ته سمورا ايس ڊي پي اوز ۽ ايس ايڇ اوز روڊن تي موجود رهن. جڏهن ته اسنيپ چيڪنگ فوري طور تي وڌائي وڃي. حڪم ملندي ئي ڪراچي پوليس الرٽ ٿي وئي آهي ۽ شهر ۾ باقاعده طور تي ناڪا لڳايا ويا آهن. گاڏين جي اسنيپ چيڪنگ وڌائي وئي آهي. جڏهن ته خاص طور تي اڇي رنگ جي گاڏين ۽ ڪرولا ماڊل جي گاڏين کي چيڪ ڪيو پيو وڃي.

ڊفينس، ڪلفٽن، گذري، درخشان، ميٽروپول، صدر، نمائش، گرومندر، نيو پريڊي، اسٽريٽ، لياقت آباد 10 نمبر، لياقت آباد پوسٽ آفيس، راشد منهاس روڊ، گلشن اقبال، گلستان جوهر، ٽاور ۽ ٻين روڊن تي پوليس جي وڏي نفري سڄي رات مقرر ڪئي وئي. جڏهن ته ان دوران سمورن ايس ايڇ اوز ۽ ايس ڊي پي اوز به روڊن تي موجود آهن پر ڪابه شڪي گاڏي ناهي ملي سگهي.