آءِ سي سي ٽيسٽ رانديگرن جي نئين رينڪنگ جاري ڪري ڇڏي

news

دبئي: (اڱارو 12 جنوري 2021ع)انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل(آءِ سي سي) ٽيسٽ رانديگرن جي نئين رينڪنگ جاري ڪري ڇڏي آهي.

آءِ سي سي جي جاري ڪيل رينڪنگ موجب نيوزيلينڊ جو ڪپتان ڪين وليمسن پهرين پوزيشن تي آهي. آسٽريليا جو اسٽيو اسمٿ ٻئي نمبر تي آهي. ڀارت جو ويرات ڪولهي ٽيسٽ رانديگرن جي نئين رينڪنگ ۾ ٽئين نمبر تي آهي. پاڪستاني ڪپتان بابر اعظم نيوزيلينڊ سان سيريز کان آئوٽ ٿيڻ جي باوجود پنجين نمبر تي موجود آهي.

ان کان علاوه ٻن ميچن تي ٻڌل ٽيسٽ سيريز ۾ پاڪستان کي شڪست ڏيڻ کان پوءِ نيوزيلينڊ جي ٽيم آءِ سي سي ٽيسٽ رينڪنگ ۾ پهريون ڀيرو پهرين نمبر تي پهچي وئي هئي. نيوزيلينڊ 27 ٽيست ميچ کيڏي 3 هزار 196 پوائنٽس حاصل ڪيا ۽ ان جي رينڪنگ 118ٺهي. نيوزيلينڊ پاڪستان کي وائٽ واش ڪيو هو.

فاسٽ بالر ڪائل جيميسن نيوزيلينڊ جي سوڀ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو هو. هن ٻئين ميچ ۾ گڏيل طور تي 11 رانديگرن کي آئوٽ ڪيو. آءِ سي سي جي ٽيسٽ رينڪنگ ۾ ٻئي نمبر تي آسٽريليا ۽ ٽئين نمبر تي ڀارت آهي.

ٽيسٽ رينڪنگ ۾ چوٿين تي انگلينڊ ۽ پنجين تي سائوٿ آفريقا آهي. سريلنڪا ڇهين ۽ پاڪستان ستين نمبر تي آهي. آءِ سي سي ٽيسٽ رينڪنگ ۾ ويسٽ انڊيز 8، افغانستان 9 ۽ بنگلاديش  ڏهين نمبر تي آهي.  نيوزيلينڊ جي پوزيشن ون ڊي ۾ ٽئين ۽ ٽي 20 ۾ ڇهين آهي.