شهدادپور ۾ پوليس جي ڪارروائي، منشيات هٿ، جوابدار گرفتار

news

شھدادپور(رپورٽ: سيفل عباس ساند) رات دير سان شھدادپور پوليس شھر لڳ ٽنڊو آدم روڊ تي ڳوٺ سردار شڪور بروهي تي چڙهائي ڪري ظهور بروهي جي اوطاق  تي ڪوئيٽا کان روڊ رستي پھتل انساني موتمار انڊين نشي سان ڀريل رات جي راڻي ٽرالر  کي ڊرائيور سميت ھٿ ڪري جوابدار منشيات فروش ظهور بروهي کي گرفتار ڪرڻ جي دعوا ڪندي ٿاڻي تي آڻي ڪيس داخل ڪري لاڪپ ڪري ڇڏيو.

ان سلسلي ۾ رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او شھدادپور غلام شبير دلواڻي ٻڌايو ته هڪ ڳجهي اطلاع تي  پوليس اٽالن ڳوٺ شڪور بروھي ۾ ڪاروائي ڪري مک جوابدار ظھور بروھي کي سندس اوطاق تان  گرفتار ڪري اوطاق تي پھتل  ڪروڙين روپين جي سفينا، زيڊ اي ڪي تاج محل  آداب  مين پڙي جي پڙين جي وڏي کيپ سان ڀريل 10 ويلر ٽرالر پڪڙي  شھدادپور ٿاڻي تي آڻي جوابدار ظھور بروھي تي منشيات ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آھي.

هن چيو ته ٽرالر مان 15 ٻورا انڊين آداب ،13 ٻورا انڊين سفينا،42 ٻورا جي اين ڊي، 46 ٻورا زيڊ اي ڪي،1 ٻورو تاج محل، 220 ٻورا مين پڙي ۽ 46 ٻورا بوسو جا ھٿ ڪيا ويا آھن پوليس موجب ته هٿ ڪيل نشي آور سوپارين ۽ ماوا گٽڪي جي ماليت 20 ڪروڙن کان مٿي ٻڌائي پئي وڃي جڏھن تہ ايس ايس پي سانگھڙ عثمان غني صديقي پاران  وڏي ۽ ڪامياب ڪاروائي ڪرڻ تي شھدادپور پوليس کي شاباس سان گڏ انعام ڏيڻ جو اعلان ڪيو آھي. 

ٻئي طرف ٻڌايو پيو وڃي تہ مذڪورہ علائقي اندر نشي آور انڊين پڙين ماوا گٽڪي چرس وغيرہ جا ٻيا بہ ڪيترائي بين الصوبائي گودام ۽ اڏا پوليس جي آشيرواد سان سفيد پوش اھم مھرن جاسرعام ھلندڙ آھن جن خلاف پوليس ڪوبہ تحرڪ نہ ورتو آھي.