مورو ٿاڻي ۾ ٻه سوئر اوچتو ڪاھي پيا، پوليس اھلڪارن ۾ ڀاڄ، خوف ۾ ورتل

news

مورو (رپورٽ: رزاق مستوئي) مورو ٿاڻي ۾ ٻه جانور سوئر اوچتو ڪاھجي پيا، پوليس اھلڪارن ۾ ڀاڄ، جان بچائڻ لاءِ ٿاڻي جا دروازا بند ڪري ڇڏيا، سوئر ٿاڻي اندر ڪل ۾ لڪي ويا.

اھڙي اطلاع تي سوين شھري ٿاڻي جي ٻاھران گڏ ٿي ويا ۽ سوئرن کي ڏسڻ لڳا بعد ۾ مورو ٿاڻي جي پوليس پاران باگڙين کي اطلاع ڏنو ويو، جيڪي پنھنجي ڪتن سميت مورو ٿاڻي ۾ پھچي ويا ۽ ھڪ سوئر کي ڪتن قابو ڪري ورتو، جنھن کي باگڙين ٻڌي چنگچي رڪشا ۾ کڻي ويا.

جڏھن ته ھڪ سوئر اڃا ٿاڻي جي ڪل ۾ لڪل آھن، جنھن جي ڳولا جاري آھي، جڏھن ته سوئر جي ڪري ٿاڻي ۾ رھندڙ پوليس اھلڪار ۽ سندن ٻارڙا خوف ۾ ورتل آھن ۽ پنھنجي گھرن جا دروازا بند ڪري ڇڏيا آھن.

جڏھن ته پڪڙيل سوئر باگڙين پاران شھر کان ٻاھر کڻي ڪتا ڇڏي مارائي ڇڏيو.